English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڪرنڊ وٽنري يونيورسٽي جي شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
324 views
|
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سڪرنڊ (رپورٽر) شهيد بينظير ڀٽو وٽنري يونيورسٽي جي شاگردن جو فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي ، اسڪالر شپ نه ملڻ ، بيچلر ڊگري رجسٽر نه ڪرائڻ ۽ هاسٽل ۾ سهولتن جي اڻاٺ خلاف شاگردن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري وٽنري يونيورسٽي جي مين گيٽ احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو آهي. شاگردن نادر چانڊيو ، زوهير ڪيريو ، مظهر جمالي ، مير دانش لغاري ، ظهور احمد ڏاهاڻي ، حليم اوٺو ۽ ٻين شاگردن احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان غريب شاگرد آهيون يونيورسٽي ۾ ڪا به سهولت نه آهي ان باوجود 90 پرسنٽ فيسن ۾ اضافو ڪري اسان شاگردن جي مستقبل داءَ تي لڳايو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جون بيچلرز ڊگريون به رجسٽرڊ نه ڪرايون ويون آهن. اسان غريب شاگرد آهيون وڌايل فيس ڪيئن ادا ڪري سگهنداسين. يونيورسٽي انتظاميه پاڻ ڳالهائڻ بجاءِ استادن کي موڪلي اسان کي سپليون لڳائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن چيو ته حق جي ڳالهه ڪرڻ تي استاد اسان حراسان ڪري رهيا آهن. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور وڌايل ڳاٽي ٽوڙن فيسون گهٽايون وڃن ۽ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ روزانه جي بنياد تي يونيورسٽي جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سڪرنڊ وٽنري يونيورسٽي جي
0 تبصرے