لاڙڪاڻو: پ پ اڳواڻ شاهه رخ سيال کي وائيس چيئرمين جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

پ پ باقراڻي جي اڳواڻ سمير سنديلو ۽ ٻين پ پ اڳواڻ سهيل انور سيال جي ڀاءُ شاهه رخ سيال سان ملاقات ڪري کيس مبارڪون ڏنيون

لاڙڪاڻو: پ پ اڳواڻ شاهه رخ سيال کي وائيس چيئرمين جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري

باقراڻي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ شاه رخ انور سيال کي يوسي وائيس چيئرمين جو حلف کڻڻ تي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ پ پ باقراڻي جي اڳواڻ سمير سنديلو ۽ ٻين شاهه رخ انور سيال سان ملاقات ڪري کيس گلن جا هار پارايا ۽ مبارڪون ڏنيون، ان موقعي تي شاهه رخ انور سيال جو چوڻ هو ته عوام جي خدمت تي يقين رکون ۽ سندن اعتماد تي قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.