English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري واسڻ عورت جو ملير ۾ اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
140 views
|
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پپري واسي عورت عشرت فاطمہ پنهنجي گهر ڀاتي عورتن سان گڏ اڳوڻي مڙس جي مبينا ظلمن خلاف عوامي پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندس اڳوڻي مڙس سبحان علي چانڊيو کيس بغير ٻڌائڻ جي ٻي شادي ڪئي، جنهن بعد سال 2016ع ۾ کيس طلاق ڏيئي اٺن ٻچن ٽن پٽن ۽ پنج نياڻين، جن مان ٻه معذور پڻ آهن سميت بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو عشرت فاطمہ جو چوڻ هو ته شاهنواز ڳوٺ پپري ۾ سندس ذاتي پلاٽ آھي جنهن تي هن پنهنجا سونا زيور وڪڻي هڪ ڪمري جا ڇهه گهر تعمير ڪرايا هئا، انهن تي پڻ اڳوڻي مڙس قبضو ڪري ڪرائيدار ويهاري ڇڏيا هن ٻڌايو ته جڏهن ٻچڙا جوان ٿيا ته وڏي جدوجهد بعد اهي گهر واپس حاصل ڪيا جنهن بعد اڳوڻو مڙس سندن ويري بڻجي ويو آھي جنھن کي بااثرن جي پٺ ڀرائي حاصل آھي هن الزام هنيو ته اڳوڻي مڙس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڪيترائي ڀيرا سندس معذور پٽ نويد علي سميت سعيد علي ۽ رميز علي کي پوليس هٿان تشدد ڪرائي جيل موڪليو ان موقعي تي عذرا علي الزم هڻندي چيو ته 8 جنوري تي بااثر غلام مرتضي ۽ اياز علي سندس ڀائرن کي فيصلي جي بهاني گهرايو ۽ بغير ڪنهن ڏوهه جي کين بن قاسم ٿاڻي ۾ لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو عذرا علي موجب جڏهن هوءَ ٿاڻي پهتي ته سندس ڀائرن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو پئي ويو هن پوليس اهلڪارن کي منٿون ڪيون پر کين ٻڌايو ويو ته بااثر مرتضي چوندو ته پوءِ ڇڏينداسین، ٻي صورت ۾ نه هن وڌيڪ چيو ته بعد ۾ ملير ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري جج سان گڏ ٿاڻي تي ڇاپو هڻايو ويو، پر پوليس سندس ڀائرن کي اتان غائب ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گذريل ڏينهن کين جهيڙي جي ڪوڙي ڪيس ۾ ظاهر ڪيو ويو آخر ۾ عشرت فاطمہ ۽ سندس نياڻين وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ بااثر جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
تازہ ترین
پی ٹی آئی بانی پر تشدد کے باعث اُن کی ایک آنکھ ضائع ہو گئی؟
14th May 2026
•
تازہ ترین
امریکا نے چوری شدہ قدیم مجسمے اور نوادرات پاکستان کے حوالے کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ ڪاروڪاري ۽ حراسمينٽ واقعن توڙي جرڳا سسٽم خلاف ريلي ڪڍي وئي
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهدادپور ڀرسان ڳوٺ کٻڙ کاهو واسين جو پي پي ايل انتظاميه ۽ بااثرن خلاف ڌرڻو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
28 آئيني ترميم ذريعي تڪراري ڪينالن جي نئين سر تعمير، سنڌ جي وحدت، پاڻي، وسيلن ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو ٿيو تہ نتيجو خراب نڪرندو: اياز لطيف پليجو
14th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ پرائمري استاد جو ناٺي خلاف احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پپري واسڻ عورت جو ملير
0 تبصرے