ملير جي فقيرا ڳوٺ ۾ جي ٽي ايس ڪمس چيپٽر جي تعاون سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

چمڙي، ڪن نڪ ڳلي، عورتن جي بيمارين بابت ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو

ملير جي فقيرا ڳوٺ ۾ جي ٽي ايس ڪمس چيپٽر جي تعاون سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) فقيرا ڳوٺ ۾ جي ٽي ايس ڪمس چيپٽر جي تعاون سان الرحمان پولي ڪلينڪ طرفان ھڪ ڏينھن لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳايو ويو، جنهن ۾ چمڙي جي ماھر ڊاڪٽرن سميت ڪن نڪ ڳلي، عورتن جي بيمارين سميت ٻين بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن حسو وٺي مريضن کي چيڪپ ڪري فري ۾ دوائيون به پڻ ڏنيون ويون، ان موقعي تي مھمان خاص ميجر شاھد اقبال، ڊاڪٽر امير حمزه، ڊاڪٽر حيقاه، ڊاڪٽر اقصه، ڊاڪٽر معيز، ڊاڪٽر معصومه، ڊاڪٽر علي نواز گبول ،ڊاڪٽر نعمان اياز، ڊاڪٽر غلام شبير راڄپر، ڊاڪٽر مزمل قريشي ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته ھن مھنگائي جي دور ۾ ڪراچي جي ٻھراڙي واري ڳوٺن توڙي ڪچي آبادين ۾ زياده تر غريب مسڪين مزدور ماڻهو رهن ٿا جيڪي شھر جي وڏن ڊاڪٽرن جا ھزارين روپيا فيس نٿا ڀري سگهن ان ڪري اسان اڄ الرحمان پولي ڪلينڪ طرفان جي ٽي ايس جي تعاون سان ھڪ ڏينھن لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي سوين غريب مسڪين مرد عورتن توڙي ٻارن کي چيڪ ڪري مفت ۾ دوائيون ڏنيون آهن ،انهن چيو ته ھن وڏي آبادي ۾ ڪو سرڪاري اسپتال ڪونھي غريب مزدور ماڻهو ڊاڪٽرن جا ڳرا فيس ڀرڻ ته پري جي ڳالھ پر شھر جي اسپتالن ۾ ڪرايو خرچ ڪري پھچي به نٿا سگھن، انھن چيو ته تمام مخير حضرات کي گھرجي ته انساني ھمدردي طور اھڙا فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻهن کي فائدو ڏين انساني ھمدردي ڪرڻ سان خدا ۽ رسول جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي،