شڪارپور ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ قائم، ماهر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو

بئريسٽر محمد عمر سومرو طرفان اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي

شڪارپور ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ قائم، ماهر ڊاڪٽرن مريضن جو معائنو ڪيو

شڪارپور(احسان ابڙو) سومرا ھائوس شڪارپور ۾ ٻن ڏينھن واري فري اکين جي ڪيمپ، سوين مريضن فائدو حاصل ڪيو, خبر موجب شڪارپور جي سومرا ھائوس تي بئريسٽر محمد عمر سومرو طرفان اڄ کان ٻن ڏينھن لاءِ فري اکين جي طبي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ناميارا ۽ تجربيڪار اکين جا ماهر ڊاڪٽر پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. ڪيمپ جو مقصد شڪارپور شھر ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ هو, پھرين ڏينھن تي فري اکين جي ڪيمپ دوران 450 کان وڌيڪ مردن، عورتن ۽ ٻارن پنهنجي اکين جو مڪمل طبي معائنو ڪرايو، جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جا موتيا سميت مختلف اکين جا آپريشن پڻ مڪمل طور تي مفت ڪيا ويا. ڪيمپ ۾ جديد طبي اوزارن سان اکين جي جاچ ڪئي وئي، جنهن سان مريضن ۾ موجود بيمارين جي صحيح تشخيص ممڪن بڻجي, طبي عملي موجب ڪيمپ دوران نظر جي ڪمزوري، اکين جي انفيڪشن، موتيا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي نه رڳو مفت دوائون فراهم ڪيون ويون، پر نظر جي ضرورت مطابق چشما پڻ بنا ڪنهن فيس جي ڏنا ويا. مريضن پاران ان قدم کي انتهائي ساراهيندي چيو ويو ته اهڙيون فلاحِي ڪيمپون غريب عوام لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن.