English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي تقريب منعقد
20 views
|
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس وهرو شريف ۾ تقريب دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني، قائدِ عوام، فخرِ ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98هين سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي عمرڪوٽ جي اهتمام هيٺ هڪ باوقار ۽ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، هي تقريب پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس، وهرو شريف عمرڪوٽ ۾ ٿي، جتي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندن عظيم سياسي خدمتن، عوامي جدوجهد ۽ وطنِ عزيز پاڪستان کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ ۾ ادا ڪيل تاريخي ڪردار تي روشني وڌي، مقررين چيو ته شهيد ڀٽو اڄ به مظلوم عوام جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ سندس فلسفو جمهوريت، عوامي حقن ۽ خودمختيار پاڪستان جي ضمانت آهي، ان موقعي تي تقريب ۾ سينيئر نائب صدر ضلعي عمرڪوٽ برهان الدين ڪنڀر، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو، چيئرمين ضلعي ڪائونسل حاجي محمد بقا پلي، وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي حاجي سيف الله، خالد سراج سومرو، انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال ميگهواڙ. سميت پارٽي جي مرڪزي، ضلعي، تعلقہ ۽ سٽي عهديدارن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ تعلقه ڪنري جي صدر شاهنواز جوڻيجو، تعلقه عمرڪوٽ جي صدر امين پلي، تعلقه پٿورو جي صدر ميان نور محمد ولھاري، سٽي عمرڪوٽ جي صدر عبدالله کوسو، مختلف تعلقن جا جنرل سيڪريٽريز، انفارميشن سيڪريٽريز، ضلعي عهديدار، چيئرمين ٽائون پٿورو آصف ڇورو، وائس چيئرمين ٽائون سامارو نول راءِ،منٺارآريسر، ڪانجي ميگھواڙ، نورجھان ڳيلهڙو، بنسي مالھي، ڏاتر سينهڙو،چتن ڪولهي ،ٽيڪم مالهي يوٿ ونگ، ليڊيز ونگ، اقليتي ونگ ۽ سڀني ذيلي تنظيمن جا عهديدار پڻ موجود هئا، ان کان علاوه بلدياتي ڪائونسل جا معزز ميمبر، پارٽي جا ڪارڪن، ووٽر، سپورٽر ۽ جيالن جي وڏي انگ شرڪت ڪري قائدِ عوام سان پنهنجي عقيدت ۽ وابستگي جو اظهار ڪيو، آخر ۾ پارٽي اڳواڻن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌائيندي عوامي حقن، جمهوريت ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي
0 تبصرے