عشق و محبت جي علامت حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا عليه السلام

عبدالفتاح عباسي

عشق و محبت جي علامت حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا عليه السلام

اميرالمومنين حضرت سيدنا مولا علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جن جو اسم مبارڪ “ علي” ڪنيت ابوالحسين لقب ابو تراب آهي ، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جا سئوٽ آهن، سڀ کان اڳ ۾ ننڍپڻ ۾ دولت ايمان کان مشرف ٿيا ۽ پاڻ ڪڏهن به بت پرستي نه ڪيائون،جهڙي طرح حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه ڪڏهن به بت پرستي نه ڪئي هئي. هيءَ اسلام جي مبارڪ هستي عشره مبشره ۾ آهن، جن جي لاءِ جنت جي بشارت ۽ واعدو ڪيو ويو آهي، پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جا سئوٽ هجڻ سان گڏ سندن جي نياڻي امان بيبي فاطمه الزهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها جا گهر وارا به آهن ۽ حسنين ڪريمين رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين جا بابا سائين به آهن. پاڻ بهادري، شجاعت، دليري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جنهن ڪري سندن جو نالو عرب و عجم، بر و بحر ۾ يڪسان مقبول آهي. سندن جي هيبت، دبدبو اڄ به اسلام دشمن قوتن لاءِ للڪار ۽ سگهارو آواز آهي. اهڙي طرح سندن جو عبادات جو شوق ذوق، رياضت جو عالم جڳ مشهور آهي. ڪروڙين اولياءَ ڪرام مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي نور گنجينه سان مستفيض آهن ۽ سندن جا ارشادات فرمان هدايت وارن لاءِ علمي نور مثل روشنيءَ جا مينار آهن، هن ڪامل مقبول هستيءَ جي خوش بيان فصيح و بليغ معروف خطبات ۾ بلند پايه علمي حقيقتون سمايل آهن. سندن جي پوري زندگي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي آهي. پاڻ بني هاشم گهراڻي جا پهريان خليفه آهن ۽ سبطين ڪريمين حسنين جميلين سعيدين شهيدين رضي الله تعاليٰ عنهما جا والد ماجد آهن. سادات ڪرام ۽ اولاد رسول الله صلي الله عليه وسلم جو سلسلو پروردگار عالم انهيءَ مبارڪ هستي جي اولاد مان جاري فرمايو. پاڻ اسلام جي پرچار تحفظ جي لاءِ هر جنگ ۾ ميدان ماري ايندا هيا ۽ خيبر جي جنگ جي حوالي سان سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم بشارت ڏني هئي ته هيءَ جنگ علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي هٿان فتح ٿيندي. پاڻ انهي ڏينهن قلعه خيبر جو دروازو پنهنجي مٿان رکي ۽ انهي تي مسلمانن چڙهي ڪري قلعي کي فتح ڪيو. انهي کانپوءِ ان دروازي کي چاليهه ماڻهن به کڻڻ چاهيو ته نه کڻي سگهيا، اسلامي جنگين ۾ سندن جا ڪارناما تمام گهڻا آهن. حضرت علي المرتضي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم کي پنهنجن نالن ۾ “ ابو تراب ” يعني مٽيءَ جو ابو ڏاڍو پسند هوندو هيو ۽ انهي نالي سان پاڻ ڏاڍا خوش ٿيندا هيا، انهي جو سبب هيءُ آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ مسجد شريف ۾ ديوار ڀت جي ڀرسان ليٽيل هيا، پٺي مبارڪ تي مٽي لڳي وئي هئي حضور عليه الصلوات والسلام تشريف فرما ٿيا ۽ سندن جي پٺي مبارڪ تان مٽي ڇنڊي فرمايائون اجلس ابا تراب هيءُ پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو عطا فرمايل خطاب حضرت مولا علي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم کي هر نالي کان وڌيڪ پيارو پسنديده نالو لڳندو هيو ۽ پاڻ انهيءَ نالي سان حضور عليه الصلوات والسلام جي لطف و ڪرم جا مزا وٺندا هيا. هن مايه ناز هستي جا فضائل تمام گهڻا آهن حضرت سعد ابن وقاص کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام غزوه تبوڪ جي موقعي تي حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي مديني طيبه ۾ اهلبيت جي حفاظت جي لاءِ مقرر ڪيو. جنهن تي حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم عرض ڪيو آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم توهان مونکي عورتن ۽ ٻارڙن ۾ خليفو بڻائي وڃو ٿا ؟، حضور عليه الصلوات والسلام فرمايو ته ڇا توهان راضي ناهيو ته توهانکي منهنجي درٻار ۾ اهو مرتبو حاصل ٿئي جيڪو حضرت هارون عليه السلام کي درٻار حضرت موسيٰ عليه السلام ۾ هيو. حضرت سهل ابن سعد رضي الله عنه کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام خيبر جي جنگ جي حوالي سان فرمايو ته سڀاڻي مان انهي کي فتح جو جهنڊو ڏيندس جنهن جي هٿان الله تعاليٰ فتح فرمائيندو ۽ اهو الله ۽ رسول کي محبوب رکندو آهي ۽ الله ۽ رسول به انهيءَ کي محبوب رکندا آهن. اهڙي ڳالهه ٻڌڻ بعد سمورن غلامن ۾ تڙپ پيدا ٿيڻ لڳي ۽ هرهڪ جي آرزو ۽ تمنا رهي ته جيڪر الله جو رسول اها سعادت مونکي به عطا فرمائين، اهڙي طرح انهن غلامن جي رات انهيءَ خواهش ۽ تمنا ۾ گذري جڏهن صبح ٿيو ته انهيءَ نعمت عظمه جي سعادت اسلامي فتح جو جهنڊو حضور عليه الصلوات والسلام ڏيڻ لاءِ فرمايو اين علي ابن ابي طالب علي ابن طالب ڪٿي آهي، عرض ڪيو ويو ته هو بيمار آهي انهيءَ جي اکين ۾ تڪليف آهي، وٺي اچڻ جو حڪم ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم حاضر ٿيا، پياري آقا مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم پنهنجو لعاب دهن مبارڪ سندن جي اکين مبارڪن تي رکيو ۽ چشم بيمار جو علاج فرمائيندي دعا گهري ، اهڙي طرح دعا گهرڻ بعد ڄڻ ته درد ڪونه هيو ۽ ڄڻ بيمار ٿيا ئي ڪو نه هيا. ترمذي و نسائي و ابن ماجه حبش بن جهاده کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام جن فرمايو ته ؛ علي مني وانا من علي ( علي مون مان آهي ۽ مان علي مان آهيان)، انهي مان حضرت مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جو ڪمال بارگاهه رسالت مان ظاهر ٿئي ٿو. سبحان الله، امام مسلم حضرت علي شير خدا رضي الله تعاليٰ عنه کان روايت آڻيندي مفهوم فرمايو ته انهي جو قسم جنهن جانين کي پيدا ڪيو بيشڪ مون کي نبي عليه الصلوات والسلام ٻڌايو ته مون سان ايماندار محبت ڪندا ۽ منافق بغض رکندا. ترمذي ۾ حضرت ابوسعيد خدري رضي الله عنه فرمائين ٿا ته اسان جي ويجهو علي المرتضيٰ سان بغض رکڻ منافق جي علامت هئي انهي مان منافق کي سڃاڻي وٺندا هياسين.ابن عساڪر حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان رويت ڪئي آهي ته حضرت علي المرتضيٰ شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي حق ۾ گهڻيون آيتون نازل ٿيون آهن، طبراني و حاڪم ۾ حضرت ابن مسعود رضِ الله عنه کان روايت آهي ته حضور عليه الصلوات والسلام فرمايو “ علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي ڏسڻ عبادت آهي”، اهڙي طرح حديث پاڪ ۾ آيو ته جنهن علي المرتضيٰ ڪرم الله وجهه الڪريم کي ايذايو انهي مون کي ايذايو، اهڙي طرح جيڪڏهن حضرت مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي پاڪيزه سيرت مبارڪه کي پڙهي ڏسنداسين ته اها عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ ڀرپور ۽ ٽمٽار نظر ايندي . پاڻ ڪريمين صلي الله عليه وسلم جي بارگاهه بيڪس پناهه ۾ حسنين ڪريمين جي بابا سائين حضرت مولا علي مشڪل ڪشا رضي الله تعاليٰ عنه جو مان، مرتبو نهايت عاليشان ۽ بلند ترين آهي. اسلام جي لاءِ وک وک تي جهڙي طرح مولاءِ ڪائنات سيدي مرشدي مولا علي مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم لازوال ۽ بيمثال قربانيون ڏئي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي انهي جو مثال نٿو ملي سگهي. سندن جي 13 رجب المرجب تي ولادت باسعادت هڪ اهڙو خوشيءَ ڀريو ڀلارو ۽ متبرڪ ڏهاڙو آهي جنهن تي پوري دنيا ۾ عرش و فرش، زمين و آسمان تي مومن مسلمان عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم ، عاشقان صحابہ و اهلبيت نگر نگر وستي وستي اهي نعرا هڻندا رهندا آهن ته هر صحابي نبي جنتي جنتي ، ابوبڪر ، عمر جنتي جنتي ، عثمان غني جنتي جنتي ، حيدر قرار جنتي جنتي ، حسن و حسين جنتي جنتي “ فيضان مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم جاري رهندو، هيءَ مبارڪ هستي اسلام جو جياپو ۽ زندهه جاويد هڪ حقيقت جو نالو آهي، ڇاڪاڻ ته مولا علي شير خدا جي مبارڪ نالي اسم وٺڻ سان درد، تڪليفون مرض بلائون، مصيبتون سڀ دور ٿي وينديون آهن ۽ الله ڪريم جي بارگاهه ۾ هيءُ اهڙو مبارڪ وسيلو ۽ ذريعو آهن جنهن جي ذڪر ڪرڻ کي عين عبادت جو اعليٰ درجو ڪوٺيو ويو آهي. مولا علي پاڪ رضي الله تعالي عنه جي اسم مبارڪ کي بار بار هر بار وٺڻ سان جهانن مٿان ڪرم، لطف ۽ مهربانيون بيمثال ٿين ٿيون پوءِ ڇو نه سڀئي گڏجي با آواز بلند نعرو لڳايون نعره حيدري، ياعلي مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم، يا الاهي رحم ڪرنا مصطفيٰ ڪي واسطي، يارسول الله ڪرم ڪيجي خدا ڪي واسطي، مشڪلين حل ڪر شهه مشڪل ڪشا ڪي واسطي، ڪربلائين رد شهيد ڪربلا ڪي واسطي. سيد سجاد ڪي صدقي ۾ ساجد رک مجھي، علم حق دي باقر علم هدا ڪي واسطي ، صدق صادق ڪا تصدق صادق اسلام ڪر، بي غضب راضي هو ڪاظم اور رضا ڪي واسطي ، حب اهلبيت دي آل محمد ڪي لئي، ڪر شهيد عشق حمزه پيشوا ڪي واسطي ، دل ڪو اچھا تن ڪو ستھرا جان ڪو پر نور ڪر، اچهي پياري شمس دين، بدر العلي ڪي واسطي ، دو جهان ۾ خادم آل رسول الله ڪر، حضرت آل رسول مقتدا ڪي واسطي ، ڪر عطا رضاء احمد مرسل مجھي ، ميري مولا حضرت احمد رضا ڪي واسطي ، عشق احمد ۾ عطا ڪر چشم تر شوز جگر ، يا خدا الياس ڪو احمد رضا ڪي واسطي ، صدقہ ان اعيان ڪا دي ڇهه عين عز ، علم و عمل ، عفو و عرفان اس بي نوا ڪي واسطي. آمين ثم آمين صديق ڪا فاروق ڪا، صدقه ملي عثمان ڪا ، مولا علي ڪي واسطي مين ديکهه لون روضه تيرا. حضرت سيدنا مولا علي عليه السلام جي ذڪر کي عبادت ڪوٺيو ويو آهي ، سندن جي چهري مبارڪ کي ڏسڻ عبادت ڪوٺيو ويو آهي . انهيءَ مولا علي عليه السلام کان پڇا ڪئي وئي ته سائين توهان جي ڪهڙي خواهش آهي : سيدي مرشدي حضرت سيدنا مولا علي عليه السلام فرمايو ته جنهن جو مفهوم آهي ته منهنجي خواهش آهي ته گرميءَ جا سخت ترين گرم ڏهاڙا هجن ۽ مون کي روزو هجي ۽ جهاد جو موقعو هجي ۽ مان ميدان عمل ۾ هجان . مديني واري شهنشاهه حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته علي جو دوست خدا جو دوست آهي ۽ علي جو دشمن خدا جو دشمن آهي، مولا علي عليه السلام کي ڇا سان محبت هئي نماز سان پاڻ رات جي اونداهيءَ ۾ صبح جي نماز لاءِ تياري ڪندي پنهنجي ساٿين علائقي واسين کي به نماز جي ادائيگيءَ لاءِ صداء مدينه لڳائيندا ھئا ۽ سوير سوير گهر مسجد تائين صداء مدينه جي ذريعي اعلان ڪندا ويندا هئا ته الصلوات خير من نوم ، الصلوات خير من نوم ، نماز ننڊ کان بهتر آهي ، نماز ننڊ کان بهتر آهي ، اهڙي صدا پنهنجي دعوت اسلامي جي باني و امير حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دامت برڪاتھم العاليه پنهنجي مدني تحريڪ جي عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم جي زبانن تي آڻي شهر شهر وستي واهڻ نگر نگر عاشقان رسول دعوت اسلامي جا اسلامي ڀائر حضرت سيدنا مولا علي رضي الله تعالي عنه جي سنت پاڪ جي پيروي ڪندي ماڻهن کي نمازي بڻائي رهيا آهن . الحمد للہ ، حضرت سيدنا مولا علي المرتضي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جو فرمان مبارڪ آهي ته هي دنيا به ڪيڏي عجيب آهي ، ايماندار کي بيوقوف ، بي ايمان کي عقل مند ۽ بي حياء کي خوبصورت چوندي آهي ، انهيءَ ڪري جڏهن به اسان توهان کي مولا علي پاڪ سميت ڪنهن به مبارڪ هستي جي جنم ولادت ڏهاڙو ملهائڻو هجي ته خدارا انهن برگزيده هستين جي حيثيت ڪمالات کي ڏسي ڪري عزت احترام صد لائق احترام مطابق ڏهاڙو ملهايو وڃي انهيءَ ۾ فضول رسومات ناچ ، گانن ، دهل ، باجن، ڊانسون ڪرڻ ، تبرڪ کي ڦٽو ڪرڻ بجاءِ احترام سان هٿو هٿ ڏيڻ گهرجي ۽ ايڏي ولادت مولا علي عليه السلام جي جي موقعي تي مسخري مذاق ۾ به غير مسلم وانگر نوجوان رنگ برنگي، رنگ لڳائي پاڻ کي بڇڙو يا غير مذهب رواج پاڻ تي نه اپنايو وڃي . مسلمان جو شان لا اله الا الله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي صدقي تمام اعلي ۽ اتم آهي. اسلامي طرز عمل احسن انداز ۾ شاندار ڪمالات واري حيثيت رکندڙ هستي جي مدنظر انتهائي خوبصورت انداز نظم و ضبط ڊسيپلين سان انهيءَ جي شايان شان تقريبات لاءِ سٺي ۾ سٺي طعام جو بندوبست ڪري کارايو وڃي ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيئن اسان پنهنجي سنگت سان هر مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مدعو سڏ ڏيندي سرزمین عراق سو به ڪائنات جي مقدس خطي نجف اشرف مولا علي عليه السلام جي قدمين شريفين ۾ سامهون مزار مقدس روضہ پاڪ جي ڇانو ۾ فضائل سيدي مرشدي حضرت سيدنا مولا علي مشڪل ڪشا ڪرم الله وجهه الڪريم جي مدح خواني ڪندي پهريان قرآن پاڪ جي تلاوت پوءِ منقبت پاڪ ۽ مقرر عاشق رسول اللہ صلي الله عليه وسلم فضائل علي عليه السلام بيان ڪيا وڃن ٿا ان بعد سمورن عاشقان رسول، عاشقان صحابہ و اهلبيت کي تبرڪ ڏنو وڃي ٿو . 13 رجب المرجب جي تاريخ جو حضرت علي المرتضي شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي ولادت مڪه مڪرمه خانه ڪعبه کان ويندي الله جي گهر مسجد ۾ نماز فجر جي ادائيگي جي دوران زخمي ٿيڻ ۽ شهادت ماڻڻ واري صبر شڪر واري رب جي رضا الاهي واري منازل کي سمجهڻ ۽ حڪمت الاهيءَ جي حقيقت خود خدا ٿو ڄاڻي پر ڪائنات جي هر شيء چيز ڄاڻي ٿي ته سيد سادات گهراڻي اسلام جي استقامت جا سمورا مثال قائم ڪيا ۽ اسلام کي هميشه لاءِ زنده ڪري ويا .
پنجتن ڪي غلامي بڙا صله دي گي ،
گلاب ڪي طرح چهره کھلا دي گي،
مت چهوڙنا ڪبهي دامن اهل بيت،
يه بندگي تمهين مولا سي ملا دي گي . وڌيڪ حضرت سچل سرمست رحمت الله عليه فرمايو ته :
ياران ڪون جو نهين مڃيندا ، مفلس تي مفعول رهيندا، مين ترڪ تنهان ڪون ڪردي هان ،
مين يار دي گهڙولي ڀر دي هاڻ. عظيم هستين فرمايو آهي ته سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم ۽ انهن جي پيارن اهلبيت پاڪ ۽ صحابه ڪرام سان عشق و محبت سڀ کان وڌيڪ رک ته ايمان ڪامل آهي باقي نه ته آخرت ۾ ڇا ملندو ؟ عقل ڪو تنقيد سي فرصت نهين ، عشق په اعمال ڪي بنياد رکهه.
ياد رکو آقا ڪريم صلي الله تعالي عليه وعلي آله واصحابہ وبارڪ وسلم جي پاڪيزه گهراڻي سان حقيقي محبت نسبت هڪ ڪيميا گر مثل آهي . ڇاڪاڻ ته اعلي حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جن فرمايو آهي ته تيري نسل پاڪ مين هي بچه بچه نور ڪا ، تون هي عين نور تيرا سب گهرانه نور ڪا ، يا الله ! سرڪار صلي الله عليه وسلم جي گهراڻي جي اسان کي سچي پڪي حقيقي صحيح معني ۾ غلامي ، پيروي ، اطاعت نصيب عطا فرمائي. مالڪ و مولا اسان کي دعوي سان گڏ دليل واري زندگي عطا فرمائي آمين ، ڇاڪاڻ ته علامه اقبال چئي ويو آهي ته :
تون سيد بهي هو ، مرزا بهي هو ، افغان بهي هو ،
تم سبهي ڪچھ هو ، بتاء تو مسلمان بهي هو ؟. ڪلمي پڙهندڙ مومن مسلمان کي ڪيئن جيئڻو آهي، مجھي آتا نهين هي فن سر جهڪا ڪي جيني ڪا ،
مين حق پہ هون، سر ڪٽا ديني ڪا قائل هون ،
حسين ڪردار سي نور مجسم ہوجا، ڪه ابليس بهي تجهي ديکهي تو مسلمان هوجاء . حضرت علي عليه السلام جو فرمان پاڪ آهي ته خاموشي هڪ عظيم نعمت آهي ، خاص طور تي انهيءَ وقت جڏهن اختلاف گهڻا هجن ، آواز بلند هجن ، علم جي ڪمي هجي ۽ دليلن جو ڪو قدر اوقات نه سمجهي وڃي ، وڌيڪ فرمايائون ته توهان جهيڙن لڙائيءَ کان بچندا رهو ڇاڪاڻ هي ٻئي دل کي بيمار ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اهڙي طرح نتيجي ۾ نفاق پيدا ٿيندو آهي. حضرت سيدنا امام جعفر صادق علیہ السلام فرمايو ته ماڻهن کي راضي ڪرڻ ناممڪن آهي ۽ ماڻهن جي زبانن کي خاموش رکڻ انھي کان به مشڪل آهي ، ماڻهن جي زبانن کان ته انبياءَ عليه السلام به محفوظ نه رهي سگهيا.