English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي جو سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهين: زينت سمون
views
|
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27ھين ترميم ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي: مظھر راھوجو
بدين (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، شھربانو راھوجو بدين ضلعي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کورواھ، ڳوٺ وڪيو لاشاري، ڪڙيو گھنور ،بدين، تلھار،ننڍو، لواري شريف، ڳوٺ مرحوم نور محمد پنهور، ٽنڊو باگو، ڳوٺ ماڪوڙو ڀيل ۽ ٻين علائقن جو تنظيمي دورو ڪيو ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا نوان يونٽ کوليا ويا. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت کي اھڙو ڪو اختيار ناھي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو، 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ نہ ڏينداسين سنڌ جون لکين سنڌياڻيون مزاحمت ڪنديون نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت ھوش کان وٺي سنڌ سان ھميشہ ڏاڍ مڙسي ۽ ويساھ گھاتيون ٿينديون رهيون آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪا بہ سنڌ دشمن ترميم ست ڪڙور سنڌي قبول نہ ڪندا. پيپلز پارٽي جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتي، درياھ ۽ زمينن کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. پيپلز پارٽي ٻھروپي آھي. پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌ، سنڌو درياھ، زمينون، ٻيٽ، جبل، ڪارونجهر ڍنڍون ڍنڍورو ۽ وسيلا سڀ وڪڻي ڇڏيا آھن. پيپلز پارٽي 27 ھين آئيني ترميم جي معاملي تي سنڌي قوم سان فراڊ ڪندا. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌيو منظم، ڊگھي ۽ ثابت قدم جدوجھد لاءِ تيار ٿيو. چور حڪمران ۽ انھن جا مالڪ ماڻھن کي ڊيڄاري، گھرن ۾ ويھارڻ چاھين ٿا. پاڻ کي خوفزده ناھي ٿيڻون، پاڻ کي حوصلو، ھمٿ، بھادري ۽ سچائي سان پُر امن ۽ ثابت قدم جدوجھد جي ميدان ۾ بيڻو پوندو سنڌ جو ڪا بہ سوديبازي قبول نہ ڪندو. نواز ليگ، پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت سمجھي ڇڏين تہ 7 ڪروڙ سنڌين لاءِ ھي جياپي جي جنگ آھي، ڊگھي جنگ آھي، جيستائين ھڪ بہ سنڌي نياڻي زندھ آھي، تيستائين پنھنجي ڌرتي ،درياھ، زمينن ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد جاري رکنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ستائیسویں آئینی ترمیم — مجسٹریٹ سسٹم کی واپسی کا منصوبہ: اختیارات دوبارہ بیوروکریسی کے پاس؟
06th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تجارتی خسارے کا طوفان — پاکستان کی معیشت ایک اور بحران کے دہانے پر
05th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیم 14 نومبر تک منظور کرانے کا فیصلہ
05th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیم پر حکومت نے کوئی مشاورت نہیں کی: مولانا فضل الرحمٰن
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ ويم دوران عورت ۽ ٻار فوت، وارثن جا ڊاڪٽرياڻي تي الزام
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ميمڻ ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران نينگر فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران 27 ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف مزاحمتي تحريڪ جو اعلان
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت، مڙه جناح اسپتال منتقل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مظھر راھوجو
زينت سمون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ
0 تبصرے