اسسٽنٽ مختيارڪار امجد بشير قاضي تعلقي جي مختلف رائيس مل مالڪن سان ملاقاتون ڪيون
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) حڪومت طرفان سارين جي في مڻ تي ڪٽوتي ختم ڪرڻ بعد اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري جا تعلقي ڏوڪري جي رائيس مل مالڪن کي ھدايتون،ڪٽوٽي ڪئي وئي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي(قاضي امجد)ڏوڪري جي اسسٽنٽ مختيارڪار امجد بشير قاضي طرفان تعلقي جي مختلف رائيس مل مالڪن سان ملاقاتون ڪري ھڪ مڻ ڪٽوٽي نه ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. انهي موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار امجد بشير قاضي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت طرفان سارين جي في مڻ تي ھڪ ڪلو ڪٽوتي ختم ڪرڻ جي اعلان به ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي حڪم تي تعلقي جي رائيس مل مالڪن سان ملاقاتون ڪري ڪٽوتي نه ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ھن چيو ته ڪٽوتي ڪندڙ رائيس ملڪن توڙي واپارين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے