اسٽنٽ ڪمشنر غلام علي طارق ٽائون آفيسر سيد شمشير علي سان گڏ حددخلين خلاف ڪارروائي ڪئي
عمرڪوٽ(ڊ ر)پٿورو اسٽنٽ ڪمشنر غلام علي طارق جو ٽائون آفيسر سيد شمشير علي سان گڏ حددخلين خلاف ڪارروائي ۽ وارننگ اسٽنٽ ڪمشنر پاران شھر ۾ رستن ڀرسان بيٺل ريڙھن ڪيبنن گاڏين ۽ دڪانن اڳيان رکيل سامان کي فوري ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ان سان گڏ ڪريانـ دڪانن تي کاڌي پيتي جي شين جي پڻ چڪاس ڪئي ۽ بنالائسنس جي ھلندڙ ۽ نقلي ايڪسپائر ۽ ٻـ نمبر دوائون وڪرو ڪندڙ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي پڻ چڪاس ڪندي وارننگ ڏني ان موقعي تي شھرين پاران شھر ۾ پاڻي جي ن سپلائي نـ پھچڻ ۽ صفائي نـ ھجڻ تي پڻ دانھو ڪيو اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ھنگامي بنيادن تي شھرين جون شڪايتو دور ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ۽ چيو تـ جلد حد دخلين خلاف موءثر ڪارروائي ڪئي ويندي
0 تبصرے