مورو (جاني جماڻي) مورو پوليس ڪاررواين دوران ماجد ولد غلام شبير سيال، مظھر ولد غلام مصطفي ماڇي، مقبول ولد پير بخش ماڇي کي نشي آور سوپاريون شراب سميت گرفتار ڪري ورتو آھي جن مٿان مورو ٿاڻي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ۽ گرفتار جوابدارن کي لاڪپ ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر جو چوڻ آھي ته منشيات فروشن کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو ھنن جو گھيرو ھر پاسي تنگ ڪيو ويو آھي، اھي منشيات فروش ھاڻي قانون کان ڪٿي بہ لڪي نه سگھندا جن کي پاڻ کي سٺو انسان ٿي رھڻو آھي اھو منشيات وڪرو ڪرڻ يا واپرائڻ کان پاسو ڪري ۽ پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري کين قانون موجب سزا ۽ بخشش ملندي.
0 تبصرے