ڪراچي ۾ انساني حقن بابت سيمينار راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان، ذهني صحت کي بنيادي حق قرار ڏنو ويو
عمرڪوٽ/ ڪراچي(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقوق کاتي حڪومت سنڌ جي اهتمام هيٺ الرحمان بينڪوئيٽ بلاڪ 3، گلستانِ جوهر ڪراچي ۾ ذهني صحت انسان جو بنيادي حق جي موضوع تي آگهي وارو سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار براءِ انساني حقن راجوير سنگھ سوڍو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، سيمينار ۾ ڳالهائيندڙن ذهني صحت جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ذهن جو سک ۽ سڪون هر انسان جو بنيادي حق آهي، جنهن لاءِ گڏيل ڪوششون، سماجي آگاهي ۽ سهائتا جا مضبوط ذريعا لازمي آهن، پاليسين ۽ منصوبن ۾ ذهني بهبود کي شامل ڪرڻ وقت جي ضرورت قرار ڏني وئي، راجوير سنگھ سوڍو تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت انسان جي عزت، حقن ۽ تحفظ لاءِ سرگرم آهي، خاص طور ذهني صحت جي واڌاري لاءِ وڌيڪَ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هر شهري کي صحتمند ۽ باوقار زندگي ملي سگهي، سيمينار ۾ سماجي تنظيمون، انساني حقن سان لاڳاپيل ڪارڪن، سرڪاري عملدار، حقن جا رضاڪار، شاگرد ۽ پيشاور ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ذهني بهبود، عزت ۽ برابري واري سماج جي قيام لاءِ پنهنجي ذميواري جو احساس ڀرپور نموني پيش ڪيو.
0 تبصرے