سارين جو ڪو به ريٽ مقرر نه آهي، ڪو به ساريون خريد ڪري ڪا به پابندي نه آهي: شڪيل احمد ابڙو
شڪارپور (احسان ابڙو ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ سارين جي خريداري لاء خريدارن ـ زميندارن ـ واپارين ۽ ھارين سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي گڏجاڻي.تفصيل موجب اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ شڪارپور ۾ سارِين جي خريداريء جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي ان موقعي تي سارين جي خريداريء جي واڌ لاء اناج منڊي جي واپارين آبادگارن ۽ زميندارن ۽ ٻين سان گڏجاڻي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو چيو ته ھي سارين جو فصل آھي جنهن جو ڪو به ريٽ مقرر نه آهي جيڪڏهن ڪو به ساريون خريد ڪندو ان تي ڪا به پابندي نه آهي. ھن چيو ته ساريون خريد ڪرڻ وارو واپاري آبادگار يا ھاري کي ساريون وڪڻڻ جي صورت ۾ ان کي ڪراس چيڪ ڏيندو ته ان کي فل رقم ڏيندو ۽ جيڪڏهن واپاري کان ساريون وڪڻڻ وارو روڪ رقم وٺندو ته ان تي واپاري ھڪ لک رقم تي اٺ سئو روپيا ڪٽ ڪندو. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته باقي اوپن مارڪيٽ آھي جيڪو واپاري ساريون جتان به خريد ڪري ته اھو ڪري ٿو سگهي ان کي ڪنهن به قسم جو پابند نه ٿو ڪري سگهجي خريدار منڊي ۾ ھجي يا ڪانٽي يا روڊ تي ھجي اھا خريدار جي مرضي آهي. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ـ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ـ شھر جي معزز زميندارن ـ وڏن واپارين ـ بروڪرن ـ آبادگارن ـ ھارين ۽ اناج منڊي جي اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0 تبصرے