English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ محاذ ڪراچي پاران گارمينٽس فيڪٽري آڏو 18 ڊسمبر تي ڌرڻي جو اعلان
134 views
|
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
قاسم گارمينٽس فيڪٽري انتظاميه سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون ڪري رهي آهي: ضمير حاجاڻو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ محاذ ڪراچي جي آرگنائزر ضمير حاجاڻو، ملير جي صدر فيض هيسباڻي ۽ ٻين اڳواڻن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌي پورهيتن سان ناانصافيون ۽ سندن استحصال ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو۔ اڳواڻن اعلان ڪيو ته ملير جي قاسم گارمينٽس فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ پڪن سنڌي پورهيتن کي مبينه طور ڪچي ملازم ۾ رکي استحصال ڪرڻ خلاف 18 ڊسمبر تي فيڪٽري جي مک هگيٽ اڳيان وڏو ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪن شرڪت ڪندا هنن پريس ڪانفرنس دوران مطالبو ڪيو ته رتو ديرو ۾ بي گناهه قتل ڪيل معصوم حسنين حاجاڻو جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتول جي وارثن کي انصاف فراھم ڪيو وڃي۔ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ظلم، ناانصافين ۽ مظلومن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف خاموشي هاڻي ناممڪن آهي، تنهن ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهرجي ته فوري قدم کڻي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻين جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌي پورهيتن جي حقن لاءِ سندن جدوجهد جاري رهندي، ۽ جيڪڏهن 18 ڊسمبر تائين مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ آئنده لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو۔ هنن چيو ته سنڌي پورهيتن کي برابر حق، روزگار ۾ تحفظ، ۽ استحصال کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي، جنهن لاءِ هو تحريڪ کي وڌيڪ منظم ڪري اڳتي وڌائيندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جيئي سنڌ محاذ ڪراچي پاران
ضمير حاجاڻو
0 تبصرے