ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو 27هين ترميم ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جو 27هين ترميم ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ 27ھين ترميم ذريعي جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن تي ڌاڙي، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف گورنر ھائوس چوڪ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، ايڊووڪيٽ ديدار علي چانڊيو، ڪاشف خاصخيلي، فياض اتيرو، سنڌياڻي تحريڪ جي شھربانو راھوجو، ناھيد جوڳي، ايس بي ٽي جو منصور چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو تہ 27ھين ترميم جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن جو قتل آھي. سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ڪندڙ ملڪ دشمن آھن. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي ھن خطي کي پنھنجو اڏو بنائڻ چاھين ٿيون. ڪرپٽ حڪمران عدالت ۽ جمھوريت کان خوفزده آھن. 22 ڪروڙ عوام جي آواز کي دٻائڻ، بنيادي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاء 27ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ مارشلا ھنئي وئي آھي. مظھر راھوجو چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جمھوريت ۽ عدالت جا قاتل آھن. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. عالمي سامراجي طاقتن جا ايجنٽ پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ لاء سنڌ کي ٽوڙڻئ جون سازشون ڪري رھيا آھن. سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازشون ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪيون وينديون. سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ پاڪستان کي ديوار سان لڳائڻ آھي. 7 ڪروڙ سنڌي پنھنجي سنڌ خاطر ڪفن مٿي سان ٻڌي مقابلو ڪندا. جيڪڏھن اھڙي ڪا بہ سنڌ دشمن حرڪت ڪئي وئي تہ حڪمران ھلي نہ سگھندا. قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ خطاب ڪندي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌو درياھ تي ڌاڙي جو منصوبو آھي. ڪڏھن بہ زمينن تي قبضو ۽ سنڌو تي ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ناھيد جوڳي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ سنڌين جو وطن آھي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جمھوريت ۽ آئين کي دفن ڪري ڇڏيو آھي. جمھوريت ۽ عدالت جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪئي ويندي. 27ھين ترميم جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن تي ڌاڙو آھي. قومي عوامي لائيرس فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ 27ھين آئيني ترميم پيش ڪري عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي ھميشه مظلوم قومن جي تباھي جا قانون ٺاھيا ۽ انھن کي تحفظ ڏنو آھي. ملڪ ۽ سنڌ دشمن آئيني ترميم ذريعي حڪمران پنھنجي اقتدار جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رھيا آھن. پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار ڪجھ وقت لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر وطن، درياھ، ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن. قومي عوامي تحريڪ بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ فياض اتيرو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي. جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضياء جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين.