پاڪستان اسٽيل مل جي اڳوڻي جي ايم داؤد کياني خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلع ملير ۾ پهريون ڀيرو پيڪا ايڪٽ تحت پاڪستان اسٽيل مل جي اڳوڻي GM، داؤد کياني جي خلاف FIR داخل ڪئي وئي آهي لاڳاپيل ادارن مطابق، داؤد کياني خلاف سنجيده الزام تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب،داؤد ڪياني مزدورن جي گيسٽ هائوس اڳيان ڌرڻي دوران غلط معلومات ڏني جڏهن ته هو اصل ۾ پنهنجي گهر تي موجود هو. پوءِ اوچتو هن پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي ۽ گيسٽ هائوس پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن ان موقعي تي فوري ڪارروائي جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن واضح ڪيو آهي ته داؤد ڪياني کي ڀڄڻ کان روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ادارن واضح ڪيو آهي ته قانوني ڪارروائي تحت داؤد ڪياني خلاف تيز ۽ مؤثر قدم کنيا ويندا ۽ FIR ۾ درج الزام جي بنياد تي گرفتاري عمل ۾ آندي ويندي.اهو ضلع ملير ۾ پهريون موقعو آهي جڏهن ڪنهن وڏي آفيسر خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿي رهي آهي
0 تبصرے