سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 ڏوهاري گرفتار

منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري آهن: پوليس

سجاول پوليس جي ڪارروائي، 5 ڏوهاري گرفتار

سجاول(رپورٽر)سجاول پوليس پاران لسٽيڊ منشيات فروشن ۽ روپوش ڏوهارين خلاف ڪاروايون جاري. 2 روپوش ڏوهاري ۽ لسٽيڊ a ڪيٽيگري گھٽڪا فروش سميت 5 ڏوهاري گرفتار 3300 پڙيون گھٽڪو مائو ۽ 40 ليٽر ديسي شراب ٺرو هٿ ڪيس داخل. تفصيل موجب. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي ضلع جي مختلف ٿاڻن ۾ روپوش منشيات گھٽڪا فروشن جي خلاف ڪاروايون جاري. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي گشت دوران سجاول بدين روڊ مھراڻ فارم ويجھو ڪاروائي ڪندي لسٽيڊ a ڪيٽيگري گھٽڪا فروش ڏوهاري محمد ڪاشف عرف ڪاشي ڪبي کي 1000 گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او بٺورو مخفي اطلاع تي درگاھ قاسم علي شاھ جي ويجھو ڪاروائي ڪندي منشيات جي 5 ڪيسن ۾ روپوش ڏوهاري نظر علي ملاح کي 40 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. ٻي ڪاروائي. ايس ايڇ او بٺورو گشت دوران جتوئي سم نالي ويجھو ڪارروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري ادريس لنڊائي کي 300 پڙيون گھٽڪي سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او چوھڙجمالي ممتاز علي ٿيٻو گشت دوران آمري اسٽاپ ويجھو ڪاروائي ڪندي گھٽڪا ماوا فروش ڏوهاري اياز علي بروھي کي 2000 شاشي ماوا سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. انچارج ٻارڻ آباد عبدالغني ڪيراڻو مخفي اطلاع تي عباسي اسٽاپ ويجھو ڪارروائي ڪندي ضلع بدين جي ٿاڻي کورواه تي ڪيس 72/2023 ۾ روپوش ڏوهاري سيف الله نوڙهيو کي گرفتارڪري ورتو آهي