غلام نبي عرف ڪارو خاصخيلي، عصمت پٺاڻ، حضور بخش ڪلمتي، لطيف ملاح کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس
ٺٽو (ڊر) ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تي ٺٽو، ڳاڙهو، گھارو، مڪلي ۽ ڌاٻيجي ٿاڻن جي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 3 انڊين گٽڪا فروش، غلام نبي عرف ڪارو ولد عيسو خاصخيلي، عصمت الله ولد سادا گل پٺاڻ، حضور بخش ولد محمد صديق ڪلمتي ۽ لطيف ولد صديق ملاح منشيات فروش 1 ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن کان 2400 پيڪٽ انڊين گٽڪا، 700 پيڪٽ گٽڪا مائوا، 510 گرام چرس ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ انهن خلاف لاڳاپيل پوليس اسٽيشنن تي منشيات ايڪٽ ۽ گٽڪا ايڪٽ تحت الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
0 تبصرے