شڪارپور (احسان ابڙو )جمعيت علماء اسلام تعلقه لکي جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس مولانا غلام ﷲ جي صدارت هيٺ درگاھ سومراڻي شريف ۾ ٿي گذريو ،اجلاس کي صوبائي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪندي چيو ته ڪجھ وقت پهريان سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري وارثن کان ڀنگ گهريو ويندو هو سنڌ سرڪار انهن اغوا ڪارن ڌاڙيلن ۽انهن جي سهولت ڪارن کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو مون کي ته حيرت هن ڳالھ جي آھي ته سرڪار انهن کي راڪيٽ لانچرن ۽ڪلاشنڪوف ڦٽي ڪرڻ تي به رقم ڀري ڏني آهي نتيجو اهو نڪتو آهي جو پهريان اغوا ٿيل معصوم ٻار صحيح سلامت واپس ٿيندا هئا اڄ انهن جا لاش ٿا ملن تازو رتو ديرو ۽ميرپورخاص ۾ معصوم ٻارڙن کي اغوا بعد زيادتي ڪري قتل ڪيو ويو آهي اھڙن حالتن جي باوجود حڪمران پنهنجيون تمام تر سهولتون مخصوص فردن کي بچائڻ لاءِ صرف ڪري ٿي جنهن جو تازو مثال 27 ترميم آهي ان ترميم ۾ عوام لاءِ ڪجھ به نه آهي جمعيت حڪمرانن جي ان ترميم کي ايوان ۾ به رد ڪيو آهي ته ميدان ۾ به عوام سان گڏجي ان ترميم کي رد ڪري ٿي ۽مان شڪارپور ۽بالخصوص پي ايس 9 جي عوام کي چوان ٿو ته 14 ڊسمـبر تي پولنگ بوٿ ۾ اچي انهن عوام دشمن حڪمرانن جي نمائندي کي ريجيڪٽ ڪري جمعيت علماء اسلام جي عوام دوست نمائندي ڪامياب ڪيو .اجلاس کي مولانا سعود افضل ھاليجوي ،مولانا عبدﷲ مھر ،محمد طيب ميکو ،حافظ رفيق احمد شر ،مولانا تاج محمد مهر ،عبدالقدوس ۽ٻين پڻ خطاب ڪيو ،
0 تبصرے