English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
55 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪنري جي مرچ منڊي جي نئين تعميراتي جي اسڪيم 60 سيڪڙو تيار ٿي وئي آھي
عمرڪوٽ/ڪنري(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي جنھن سبب ضلعي ۾ منشيات جو وڪرو عام ۽ امن و امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آھي، آئي جي سنڌ کي شڪايت ڪئي آھي، جلد گھر ڀيڙو ٿيندو، رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن. ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جون ڪنري ۾ ميڊيا سان ڳالھيون. تفصيل موجب اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر ڪنري ويجھو سندس ڳوٺ مانجھاڪر ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ پئسي جو شوقين آھي جنھن سبب عمرڪوٽ ضلعي ۾ منشيات جو وکر ۽ امن امان جي صورتحال خراب آھي، ايس ايس پي عمرڪوٽ کي پئسا کائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نٿو اچي، اهو ايس ايس پي جڏھن کان آيو آھي تڏھن کان عمرڪوٽ ضلعي ۾ منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو آھي. هن چيو تہ عمرڪوٽ ضلعي ۾ موجود ايس پي شايد سڃاڻي نٿو ته جنھن ايس پي ۽ ڊي سي عمرڪوٽ جي عوام سان زيادتي ڪئي آھي ان جو حشر اھڙو ڪيو آھي جو اڄ تائين ياد رکن ٿا، جلد ايس ايس پي عذير ميمڻ مان عمرڪوٽ جي عوام جي جان آجي ٿيندي، هن وڌيڪ چيو تہ آئي جي سنڌ سان ڳالھائي شڪايت ڪئي آھي ايس ايس پي خلاف ايڪشن وٺي منشيات بند ڪرائي وڃي اسان پنھنجي ضلعي جي نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ٿيڻ نه ڏينداسين، ايم اين اي صبا يوسف ٽالپر منشيات خلاف قومي اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندي، عذير ميمڻ جي عمرڪوٽ ۾ پھرين پوسٽنگ آھي جيڪا آخري پوسٽنگ هوندي. نواب تيمور چيو تہ پيپلز پارٽي جي دور ۾ سنڌ اندر روڊن رستن ۽ صحت سميت سڀني شعبن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا آھن جنھن جي بدولت عوام پ پ نمائندن کي وڏي ليڊ سان کٽائيندي آھي، عمرڪوٽ ضلعن جي مين روڊن سميت ٻين ڪيترن ئي روڊن جا ڄار وڇايا آھن، هڪ سوال جر جواب ۾ تيمور ٽالپر چيو تہ ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪنري جي مرچ منڊي جي نئين تعميراتي جي اسڪيم 60 سيڪڙو تيار ٿي وئي آھي، گذريل سال غلطي سان فنڊ نه رکجي سگهيا جنھن تي ايم اين اي صبا يوسف ٽالپر جي وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاھ سان ملاقات ٿي آھي جنھن ۾ سي ايم سنڌ مرچ منڊي کي مڪمل ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آھي، ڪنري ۾ تيزي سان پيور بلاڪن سميت ترقياتي ڪم ٿين پيا، هر سال ڪروڙين روپين جا پيور بلاڪ لڳائن ٿا، حددخيلن خلاف ڪاروايون ڪري شھر جي وڌيڪ خوبصورت بڻايو ويندو، هن چيو ته پ پ پ ڪنري سٽي جي صدر لاءِ تمام گھڻيون درخواستون آيون آھن جنھن تي پارٽي اڳواڻن ۽ مقامي اڳواڻن سان ڳالھايون ڪري جلد فيصلو ڪيو ويندو، ان موقعي تي علائقي جي وڏي عوام موجود هئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Dec 2025
•
پاکستان
اے ڈی بی کا پاکستان کیلئے 381 ملین ڈالر کے ترقیاتی منصوبوں کی منظوری
06th Dec 2025
•
شوبز
صبا قمر کا ’نو میک اپ‘ سین الٹا پڑ گیا، سوشل میڈیا پر شدید تنقید
06th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
14 فٹ لمبے مگرمچھ کا انوکھا دھرنا، فلوریڈا کی سڑک پر ٹریفک جام
06th Dec 2025
•
سندھ
کراچی: ایم اے جناح روڈ کے شاپنگ مال کی پانچویں منزل پر آگ، فائر بریگیڈ نے بروقت قابو پا لیا
06th Dec 2025
•
پاکستان
اے ڈی بی کا پاکستان کیلئے 381 ملین ڈالر کے ترقیاتی منصوبوں کی منظوری
06th Dec 2025
•
شوبز
صبا قمر کا ’نو میک اپ‘ سین الٹا پڑ گیا، سوشل میڈیا پر شدید تنقید
06th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
14 فٹ لمبے مگرمچھ کا انوکھا دھرنا، فلوریڈا کی سڑک پر ٹریفک جام
06th Dec 2025
•
سندھ
کراچی: ایم اے جناح روڈ کے شاپنگ مال کی پانچویں منزل پر آگ، فائر بریگیڈ نے بروقت قابو پا لیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نواب تيمور ٽالپر
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي ج
عمرڪوٽ
0 تبصرے