English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ وھرو شريف ويندڙ روڊ جي خراب حالت خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو
420 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
روڊ تي اڇلايل واري ۽ وڏن کڏن سبب آمد و رفت ناممڪن بڻجي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ کان وھرو شريف ويندڙ مک روڊ جي خراب حالت ۽ ٻن مهينن کان مرمتي ڪم بند پيل هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن صبر جو پيالو ڇلڪي پاتو، روڊ جي مک چوڪ تي رڪشا بيهاري چار ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، سخت نعريبازي ڪئي ويئي، ۽ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته روڊ تي اڇلايل واري ۽ وڏن کڏن سبب آمد و رفت ناممڪن بڻجي وئي آهي، اسڪول ويندڙ ٻار ۽ مريض وڏي مشڪلات ۾ مبتلا آهن، پر انتظاميه مٽيءَ ڪري صفائي ڪر يا روڊ وقت سر ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، احتجاج ڪندڙن مير حسن ڪنڀر، سرفراز، ریاض، رامچند، نوراللہ، نويد، پنھون، ۽ ٻين دانھيندي چيو ته هر روز مٽي ۽ کڏن ۾ ڦاٿل گاڏيون ڏسي دل ڏکي ٿي وڃي ٿي، پر ڪو پڇڻ وارو ناهي، احتجاج ۾ سماجي اڳواڻ فقير شيوا ڪڇي، نرمل ميگھواڙ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪري مظاهرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو، مظاهرين جو مطالبو هو ته روڊ تان واريءَ فوري طور صاف ڪري مرمتي ڪم ٻيهر شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو، آخرڪار، پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي سينيئر نائب صدر برھان الدين ڪنڀر احتجاجي هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جلد روڊ جو ڪم بحال ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي برھان الدين ڪنڀر چيو ته ٺيڪيدار ۽ انجنيئر سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، روڊ جو ڪم جلد شروع ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڪم ۾ دير ڪئي وئي ته آئون پاڻ به مظاهرين سان گڏ ڌرڻي ۾ شامل ٿيندس ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪاروائيءَ جو به اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ کے نوابوں سے پنجاب کی ترقی ہضم نہیں ہو رہی: عظمیٰ بخاری
23rd Jul 2026
•
شوبز
’’ہمارے نوجوان بھارت کے روشن مستقبل کے لیے لڑ رہے ہیں‘‘ سلمان، عالیہ اور دیگر فنکاروں نے طلبہ کی حمایت کر دی
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پراڻي دشمني تان عدالت مان واپسي دوران پيرسن قتل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: لاسي برادري جو نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مڪلي ويجهو باءِ پاس تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي منصوبن جو افتتاح
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي مان منشيات جي مڪمل خاتمي لاء ڪٺ ٿي گذريو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
عمرڪوٽ کان وھرو شريف ويندڙ مک ر
0 تبصرے