English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ وھرو شريف ويندڙ روڊ جي خراب حالت خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو
139 views
|
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
روڊ تي اڇلايل واري ۽ وڏن کڏن سبب آمد و رفت ناممڪن بڻجي وئي آهي، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ کان وھرو شريف ويندڙ مک روڊ جي خراب حالت ۽ ٻن مهينن کان مرمتي ڪم بند پيل هجڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن صبر جو پيالو ڇلڪي پاتو، روڊ جي مک چوڪ تي رڪشا بيهاري چار ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، سخت نعريبازي ڪئي ويئي، ۽ ٽريفڪ مڪمل طور معطل ٿي وئي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته روڊ تي اڇلايل واري ۽ وڏن کڏن سبب آمد و رفت ناممڪن بڻجي وئي آهي، اسڪول ويندڙ ٻار ۽ مريض وڏي مشڪلات ۾ مبتلا آهن، پر انتظاميه مٽيءَ ڪري صفائي ڪر يا روڊ وقت سر ٺهرائي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، احتجاج ڪندڙن مير حسن ڪنڀر، سرفراز، ریاض، رامچند، نوراللہ، نويد، پنھون، ۽ ٻين دانھيندي چيو ته هر روز مٽي ۽ کڏن ۾ ڦاٿل گاڏيون ڏسي دل ڏکي ٿي وڃي ٿي، پر ڪو پڇڻ وارو ناهي، احتجاج ۾ سماجي اڳواڻ فقير شيوا ڪڇي، نرمل ميگھواڙ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪري مظاهرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو، مظاهرين جو مطالبو هو ته روڊ تان واريءَ فوري طور صاف ڪري مرمتي ڪم ٻيهر شروع ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو، آخرڪار، پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي سينيئر نائب صدر برھان الدين ڪنڀر احتجاجي هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جلد روڊ جو ڪم بحال ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ان موقعي تي برھان الدين ڪنڀر چيو ته ٺيڪيدار ۽ انجنيئر سان ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، روڊ جو ڪم جلد شروع ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ڪم ۾ دير ڪئي وئي ته آئون پاڻ به مظاهرين سان گڏ ڌرڻي ۾ شامل ٿيندس ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف ڪاروائيءَ جو به اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
عمرڪوٽ کان وھرو شريف ويندڙ مک ر
0 تبصرے