English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس هڪ ڄڻي کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو
297 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ڳوٺ اللہ رکيو سندراڻي واسي خان محمد عرف خانو سندراڻي طور ٿي: پوليس
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور جاڳڻ لنڪ روڊ ڳوٺ گنڊل ٻرڙو لڳ پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري مارڻ جي دعوي جڏھن تہ ٻيو ڏوھاري زخمي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب تفصيل موجب:نيوفوجداري ٿاڻي جي حد جاڳڻ لنڪ روڊ ڳوٺ گنڊل ٻرڙو ۾ ڏوھاري ۽ پوليس ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري کي ماتڻ جي دعوي ڪري ڇڏي جڏھن تہ ٻيا ڏوھاري فرار جن ۾ ھڪ ڏوھاري پڻ زخمي ٿي پيو ٻڌايو پيو وڃي تہ جاڳڻ لنڪ روڊ سم شاخ تي موجود پوليس پڪٽ تي پوليس اھلڪارن موٽرسائيڪل سوارن کي بيھڻ جو اشارو ڪيو تہ موٽرسائيڪل سوار فرار ٿي ويا ۽ پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪندا رھيا پوليس پاران جوابي فائرنگ ڪئي وئي,جنھن دوران پوليس ۽ ڏوھارين ۾ آمھون سامھون مبينا مقابلو ٿي پيو ھڪ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربند موقعي تي مارجي ويو,جنھن جي سڃاڻپ ڳوٺ اللہ رکيو سندراڻي واسي خان محمد عرف خانو سندراڻي طور ڪئي وئي, جڏھن تہ ٻيو زخمي ٿي پيو جيڪو ساٿين سميت فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو مقابلي کان پوء ايس ايڇ او نيوفوجداري اختر ابڙو واقعي واري ھنڌ پھتو جتي ھن ميڊيا کي تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ مارجي ويل ڏوھاري جي شناخت ٿي وئي آھي جڏھن تہ زخمي ٿيل ڏوھاري لاء پوليس پاران علائقي ۾ سرچ آپريشن ۽ ناڪا بندي ڪئي وڃي پئي,ايس ايڇ او اختر ابڙو ٻڌايو تہ جاڳڻ لنڪ روڊ تي موجود پوليس اھلڪار روٽن موجب گشت ڪري رھيا ھئا تہ شڪي موٽرسائيڪل سوارن کي پوليس بيھڻ جو اشارو ڪيو جنھن تي موٽرسائيڪل سوارن پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪئي,پوليس پاران پنھنجي جان جي بچاء لاء فائر ڪيا ۽ ڏوھارين جو پيڇو ڪيو ٻنھي طرفن کان فائرنگ ٿي رھي ھئي,ھڪ ڏوھاري مارجي ويو آھي جڏھن تہ ٻيو زخمي ٿيو آھي جيڪو فرار ٿيو آ ان جي ڳولا جاري آھي مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ خان محمد عرف خانو سندراڻي طور ٿي آھي,پوليس مارجي ويل ھٿياربند جو لاش ضروري ڪاروائين لاء سول اسپتال منتقل ڪيو جتان کيس ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو,ھوڏانھن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل خان محمد سندراڻي جو لاش وارثن پاران اسپتال مان کڻائي جيڪب آباد قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف احتجاج ڪيو, ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن اللہ يار سندراڻي,عابد سندراڻي,صابل سندراڻي, مسمات فيروزان سندراڻي ۽ ٻين جو چوڻ ھو تہ پوليس ناحق اسان جو مڙس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو آھي,اسان شريف ماڻھو آھيون اسان جو ڪنھن بہ قسم جي ڏوھاري سان ڪو واسطو ناھي پوليس ناجائزي ڪئي آھي انصاف ڪيو وڃي,ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ اسان جو ھمراھ صبع ڳوٺان شھر گھر جو سودو سامان وٺڻ آيو ھو جاڳڻ لنڪ روڊ تي ٻرڙي جي ڳوٺ وٽ اسان جي مڙس خان محمد کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي پوليس ماريو آھي,جڏھن تہ ان سان گڏ موٽرسائيڪل تي سندس سئوٽ آصف سندراڻي بہ زخمي ٿي پيو آھي,جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت م اسپتال منتقل ڪيو آھي,ھنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي لاڙڪاڻو سميت اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماريل اسان جي نوجوانن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ملوث اھلڪارن توڙي خانڪي ماڻھن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
MUrder
full fry
police
0 تبصرے