شڪارپور ۾ قلندري بيڪرز ۽ ڀٽو ٽريڊرس تي فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا

قلندري بيڪرز ۾ صفائي ۽ کاڌي جي حفاظت جي ايس او پيز جي ڀڃڪڙين ٿيل

شڪارپور ۾ قلندري بيڪرز ۽ ڀٽو ٽريڊرس تي فوڊ اٿارٽي جا ڇاپا

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ھدايتن تي شڪارپور ۾ قلندري بيڪرز ۽ ڀٽو ٽريڊرس (آمچور يونٽ) تي اوچتو ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشنز سکر جي ڪارروائي.تفصيل موجب ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي شهزاد فضل عباسي جي هدايتن تي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشنز سکر آغا فاروق احمد جي اڳواڻي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي هڪ ٽيم شڪارپور ضلعي ۾ مختلف فوڊ يونٽن جو معائنو ڪيو. دوري جو مقصد فوڊ سيفٽي معيارن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ ۽ عوام کي محفوظ ۽ معياري کاڌي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ هو.معائني دوران، هڪ مقامي بيڪري (قلندري بيڪرز حاجي لطيف روڊ شڪارپور) ۾ صفائي، ذاتي صفائي ۽ کاڌي جي حفاظت جي ايس او پيز جون ڪيتريون ئي خلاف ورزيون ڏٺيون ويون ۽ پيداوار واري علائقي ۾ صفائي جا ناقص انتظام هئا. خلاف ورزين تي بيڪري جي مالڪ سجاد احمد دل تي ڏنڊ لڳايو ويو ۽ ان کي فوري طور تي بهتري لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم بيگاري واهه تي ڀٽو ٽريڊرز آمچور (خشڪ آم پائوڊر) جي پيداواري يونٽ تي ڇاپو هنيو جيڪو غير معياري آمچور تيار ڪري رهيو هوـ جيڪو صحت ۽ انساني استعمال لاءِ نقصانڪار هو. صفائي، خام مال جي معيار ۽ اسٽوريج سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي خاميون ڏٺيون ويون. جنهن تي يونٽ کي سيل ڪيو ويو ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ تحت فوڊ سيفٽي جي .معيارن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي يونٽ جي مالڪ امتياز علي ڀٽو تي جرمانو لڳايو ويو ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر آپريشنز آغا فاروق احمد چيو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي عوام کي صاف، معياري ۽ محفوظ کاڌو فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.