نوشهرو فيروز ۾ آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسل ايمپلائيز يونين جو اجلاس

اجلاس جي صدارت ضلعي صدر سليم رضا ڪئي، سيڪريٽرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت

نوشهرو فيروز ۾ آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسل ايمپلائيز يونين جو اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊ.ر)آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسل ايمپلائيز يونين ضلع نوشهرو فيروز جو اجلاس ضلعي صدر سليم رضا جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلع جي سيڪريٽرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سيڪريٽرين کي درپيش مسئلن ۽ سندن حقن بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندڙ اڳواڻن چيو ته سيڪريٽرين کي حق نه ملڻ سان گڏ سياسي اڳواڻ ۽ بيوروڪريسي گڏجي کين دٻائي رهيا آهن، جنهن جي خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو. هنن چيو ته سيڪريٽرين لاءِ ڪنٽريبيوشن بل، يونين ڪائونسل ۽ پي اي سي سسٽم بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ امان الله سيال، غلام مصطفي ڀٽي، بشير احمد ڏاهري، زاھد حسين راڄپر، ذوالفقار ملاح، خالد حسين ڪنڀر، آغا اسرار دراني، بشير راڄپر، فيض محمد قاضي، ذوالفقار نظير احمد چنه، عدنان شاهه، اڪبر کنڊ، حامد کوسو، فتح محمد سولنگي، عبدالوحيد ڏھراج، علي اڪبر کنڊ ۽ شفقت علي سومرو سميت ٻين سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.