English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ٽائون ۾ استادن جي کوٽ،25 اسڪول بند، شاگردن جي تعليم تباهه
views
|
09th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
25 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند ٿيڻ ڪري سوين ٻارڙا تعليم کان محروم
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)تعليم کاتي جي ڪامورن طرفان سخت بدانتظامي ۽ استادن جي بدلين ۽ سخت کوٽ سبب ملير ضلعي جي گڏاپ ٽائون ۾ 25 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند ٿي ويا آهن، جنهن ڪري سوين ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي دربدر ٿي ويا آهن اسڪولن تي تالا لڳڻ سبب والدين سخت پريشان آهن ۽ تعليم کاتي سميت چونڊيل نمائندن جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن پر ڪو به مدد ڪرڻ وارو ڪونهي علائقي م بند پيل اسڪولن ۾ روھو خاصخيلي، مينھن بڪڪ، جيئو بنديچو، حاجي شير محمد بنديچو، ڌڻي بخش بنديچو، غلام قادر بنديچو، يار محمد بنديچو، رضا محمد بڪڪ، علي بڪڪ، حسين بڪڪ، حاجي دودو بڪڪ، عطرخان بڪڪ، ربو نوتاڻي، الله بچايو بڪڪ، مينھن ڇٽو، ورايو ڇٽو، الياس ڪانڙو، عبدالله ڪانڙو، ٿوهر ڪانڙو، مينھن وسايو ڪانڙو، تراڙي ڳوٺ ۽ بابو ٻرو سميت ڪيترن ڳوٺن جا پرائمري اسڪول شامل آهن ان سلسلي ۾ شاگردن والدين والدين عبدالله ڪانڙو، ربنواز ڪانڙو، امام بخش ڪانڙوجو چوڻ آهي ته سندن ٻارڙا پڙهائي کان محروم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته تعليم کاتو ڪو به تدارڪ نٿو ڪري. هر روز آفيسن جا چڪر ڪاٽيون ٿا، پر ڪنهن به ٻڌڻ وارو ناهي والدين جو شڪايتن ۾ چوڻ ٻئي پاسي گڏاپ ٽائون آفيسر منظور ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته استادن جي کوٽ جو معاملو صوبائي سطح تي آندو ويو آهي ۽ صوبائي وزير پاران هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جلد ئي بند ٿيل اسڪول کوليا ويندا منظور ميمڻ جو واعدو.مقامي ماڻهن چيو آهي ته جيڪڏهن اسڪول فوري طور تي نه کوليا ويا ته سندن ٻارڙن جو مستقبل مڪمل طور تي خطري ۾ پئجي ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
تعليم کاتي جي ڪامورن
0 تبصرے