شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ ريلي

اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن کاتي کان ھزارين ملازمن موٽر سائيڪلن تي احتجاجي ريلي ڪڍي

شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اسڪولن ۽ آفيسن جي تالابندي ۽ ريلي

شڪارپور (احسان ابڙو)سنڌ ايمپلائیز الائنس (SEA) شڪارپور طرفان چيئرمين سيد راشد حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن کاتي شڪارپور کان ھزارين ملازمن جي شاندار موٽر سائيڪل احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب شڪارپور پهتي تفصيل موجب، سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان ريلي ۾ گسٽا، روينيو، پي ٽي الف، آپڪا، پيرا ميڊيڪل گرينڊ الائنس، پي ايم اي، مھراڻ ٽيچر، پاپوليشن، لوڪل گورنمينٽ، تعليم، صحت ۽ اسڪارپ ڊرينيج کاتن جا عهديدار ۽ ملازم وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. جتي عبدالوحيد ڄامڙو ۽ ٻين پاران آيل مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. ريلي ڊي سي آفيس، ايس پي آفيس، جهاز چوڪ، لکيدر چوڪ، گھنٽا گهر ۽ الله والا چوڪ تان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي ملازمن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج دوران پينشن مراعاتن ۾ ڪٽوتي روڪڻ، پگهارن ۾ واڌ، ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس (ڊي آر اي)، گروپ انشورنس، بينوولينٽ فنڊ ۽ فوتي ڪوٽا جي بحالي جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن سيد راشد شاهه، عبدالوهاب ڪاغذي، غلام سروس کوھارو، ڊاڪٽر سيد اطهر حسين شاهه، عبدالرحمان شر بلوچ، عبدالشڪور پھوڙ، احسان الله ابڙو، عبدالشڪور سومر، بشير احمد لاشاري، نظام الدين شيخ، فھيم احمد سومرو، غلام رسول جھلڻ، مجاھد حسين لانگاھ، آغا شعيب خان پٽاڻ، عبدالسمي جوڻيجو، نوشاد علي ڀٽو، شفيق احمد شيخ، نظير حسين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته:پينشن، فوتي ڪوٽا، ڊي آر اي الائونس ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو سندن بنيادي حق آهي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڦٻايا نه ويندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته SEA جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن جي هدايتن تي آفيسن جي تالابندي جاري رهندي ۽ احتجاجي تحريڪ مرحليوار هلندي رهندي جيستائين سڀ مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن.