English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ٻين شهرن جيان ور شهر ۾ به سنڌ ايمپلائيز جي سڏ تي مظاهرا
253 views
|
23rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي پاليسين سبب سرڪاري ملازمن جو معاشي قتلام ڪيو پيو وڃي: اڳواڻ
ٺٽو(ڊ ر)سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سموري سنڌ جيان گھوڙاٻاري تعلقي جي مرڪزي شهر ور ۾ به سرڪاري ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. رورل هيلٿ سينٽر ور ۾ ڊاڪٽر ساجد شيخ جي اڳواڻي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن ۽ ٻين ملازمن اسپتال جي مک دروازي آڏو گڏ ٿي سخت نعريبازي ڪئي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ملازم دشمن پاليسيون اختيار ڪيون آهن، جن سان نه رڳو سرڪاري ملازمن جي روزگار ۽ معاشي صورتحال متاثر ٿي رهي آهي، پر کين معاشي قتل ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته وفاق طرفان ملندڙ ڊسپرٽي رڊڪشن الائونس فوري طور ملازمن کي ڏنو وڃي ۽ پينشن رولز ۾ ڪيل ترميم واپس ورتي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو ڊاڪٽر ساجد شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده احتجاج 27 تاريخ تائين جاري رهندو، جيڪڏهن جائز مطالبا تسليم نه ٿيا ته تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ضد ۽ ملازم دشمن فيصلا نه صرف ملازمن لاءِ نقصانڪار آهن پر انهن جو سڌو اثر عوام تي به پئجي رهيو آهي احتجاج سبب رورل هيلٿ سينٽر ور ۾ او پي ڊي مڪمل طور بند رهي، جڏهن ته مليريا سيڪشن، ڊينٽل ڊپارٽمينٽ، ٽي بي وارڊ ۽ ٻيا اهم شعبا به بند رهيا نتيجي ۾ پري پري کان علاج لاءِ آيل سوين مريض شديد پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ بغير علاج جي واپس وڃڻ تي مجبور ٿيا. مريضن جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ تڪرار جو نقصان غريب عوام کي ڀوڳڻو پيو پوي ملازمن اعلان ڪيو ته جيستائين سندن جائز مطالبا تسليم ناهن ڪيا ويا تيستائين احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سموري
سنڌ جيان گھوڙاٻاري تعلقي
0 تبصرے