مدرسه اينڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول جي مڪمل تالابندي ڪري سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ويو
نوشهرو فيروز(ڊر)سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي گورنمينٽ مدرسه اينڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز جي مڪمل تالابندي ڪري ڌرڻو هنيو ويو. الائنس جي اڳواڻن گسٽا جي ضلع صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو، گوواز جي محمد رمضان مڱڻيجو، پ ٽ الف جي عبدالستار پٺاڻ، جاويد احمد وسطڙو، عبدالقيوم ميمڻ، سيد توصيف شاھ ۽ ٻين خطاڀ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ جي ملازمن سان وڏي ويساھ گهاتي ڪري رهي آهي. سروس رولز تحت ملازمن سان معاهدو آهي ته کين سمورا حق ڏنا ويندا پر پئنشن ريفارمز آڻي ملازمن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش سٽي ويئي آهي جيڪا اسان ڪڏهن ڪامياڀ ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ احتجاج ڪاري قانون جي خاتمي تائين جاري رهندو. هنن چيو ته 27 سيپٽمبر تائين مڪمل تالابندي رهندي ۽ ڪم بند رهندو، بعد ۾ مرڪز جيڪو فيصلو ڪندو ان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.
0 تبصرے