سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياءَ ۽ زمينون کپائڻ نہ ڏيندا، سنڌيو درياءَ، زمينون ۽ وسيلا ھليا ويا تہ تاريخ ۾ مجرم بڻجي وينداسين: اياز لطيف پليجو

قومي عوامي تحريڪ پاران مٽياري ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف ريلي ۽ جلسو

سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياءَ ۽ زمينون کپائڻ نہ ڏيندا، سنڌيو درياءَ، زمينون ۽ وسيلا ھليا ويا تہ تاريخ ۾ مجرم بڻجي وينداسين: اياز لطيف پليجو

مٽياري :پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن مٽياري جي مين گيٽ کان پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جو گشت ڪري مک چوڪ ميڊيڪل اسٽور چوڪ وٽ پھتو، جتي جش لطيف جي عنوان سان جلسي عام ڪيو ويو. مٽياري پھچڻ تي واپارين، سياسي سماجي اڳواڻن، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن سميت شھرين گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪري اياز لطيف پليجو کي اجرڪن، لنگين جا تحفا ڏنا. جلسي عام کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نہ ٿي سگهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجو درياءَ ۽ زمينون کپائڻ نہ ڏيندا سنڌيو درياءَ، زمينون ۽ وسيلا ھليا ويا تہ تاريخ ۾ مجرم بنجي وينداسين. وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳائي وفاقي حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آهي نوجوان شديد احساس محرومي جو شڪار آهن پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ مافيا ڪروڙين روپيا رشوت وٺي نوڪريون وڪڻي رھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر مزدور، ھاري، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ 18 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي. سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪندڙ پيپلزپارٽي آهي جنهن پنهنجي مسلسل ارڙهن سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ کي تباهي ڪرپشن کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو. پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن کان ووٽ وٺي پوءِ انهن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏيندي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي. لطيف عظيم مفڪر، عاشق، فلاسفر ۽ شاعر آهي. شاھ لطيف ڪمزور طبقن ۽ عورتن جو شاعر آھي. لطيف جا ھيرو اھي عورتون آھن، جن کي پاڻ نٿا ڏسون، لطيف انھن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي آهي. پاڻ کي شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻ گهرجي.اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ خراب حڪمراني، بدعنواني، عوام دشمن معاشي پاليسي ۽ عالمي طاقتن کي ڊڪٽيشن وڏا مسئلا آھن. پاڪستان ۾ ھر ايندڙ حڪومت گذريل حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي، ڪنھن بہ حڪومت جي پاليسي عوام دوست ۽ ترقي واري ناھي رھي. خراب حڪمراني جي ڪري حڪمراني طبقي کي سموريون مراعتون حاصل آھن، باقي ڪروڙين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آھي. ملڪ سميت سنڌ ۾ عوام معياري تعليم، صحت، روزگار، پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آھي. حڪمران عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪڏھن نوان صوبا، ڪڏھن ڊيم، ڪڏھن ڪئنال تہ ڪڏھن ڪو تڪراري معاملي اڳيان کڻي ايندا جنھن سان نوان بحران جنم وٺن ٿا. ملڪ ۾ ڀائيچاري، رواداري، اتحاد کي نقصان ۽ ٽڪراءَ وارو ماحول پيدا ٿئي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت جي اصل ايجنڊا ترقي بدران ڪرپشن آھي، جيڪو منصوبو 10 ڪروڙ ۾ ٺھي سگھي ٿو، ان کي 10 ارب تائين پھچائي عوام جي دولت تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن جي ڪري پنڌ ھلندڙ ماڻھو ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا آھن. ھر ڪم ۾ بدعنواني آھي، دوائن جي خريداري ۾ ڪرپشن، روڊن ۽ عمارتن جي ڪم ۾ ڪرپشن، ڪتابن جي خريداري ۾ ڪرپشن، نوڪرين ۾ ڪرپشن، ھر کاتو ڪرپشن جي منڊي بڻجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني جي ڪري ڪا بہ نئين انڊسٽري نہ لڳي سگھي آھي. پاڪستان کان پوءِ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا، اھي بہ اسان کان اڳتي نڪري ويا آھن، اسين گھڻن ملڪن کان ترقي ۽ ٻين معاملن ۾ گھڻو پوئتي آھيون پر بدامني، لاقانونيت، ڪرپشن، جھالت، انتهاپسندي، ميرٽ جي لتاڙ، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ بلڪل اڳتي آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آھي، ملڪ جي اڪثريتي آبادي ھاري، مزدور، پورھيت، دڪاندار، ننڍو روزگار ڪندڙ ماڻھو مسلسل بدحالي طرف وڌي رھيا آھن، غربت وڌي رھي آھي، المناڪ صورتحال اھا آھي جو جن وٽ پئسو آھي اھي ماڻھو تيزي سان ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن. تمام گھڻا ٽيڪس مڙھي ھر شعبي جي ماڻھو کي نپوڙيو پيو وڃي، عوامي ٽيڪس مان عوام کي تعليم، صحت سميت بنيادي سھولتون ڏيڻ بدران حڪمرانن پنھنجي زندگي بادشاھي واري بنائي ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئي ايم ايف جي ھدايت تي تمام گھڻا ناجائز ٽيڪس مڙهيا ويا آھن، معاشي پاليسيون عوام دوست ۽ ملڪ دوست ناھن. حڪمران اصل مسئلن بدران اقتداري مفادن خاطر ناجائز ترميمون ۽ ملڪ دشمن منصوبا جوڙيندا رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام جو مسئلو سستي ماني آھي، پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، روزگار آھي، معاشي خوشحالي آھي، وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمران حقيقي عوامي مسئلن تي ڪم ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. حڪمرانن سنڌ کي مظلوم طبقي جو قيد خانو بنائي ڇڏيو آھي. ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، مھانگائي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ وڏا مسئلا آھن. ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي ھر ۾ منشيات ۽ ڏوھ منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويا آھن. مرضي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي سيز سميت انتظامي آفيسر مقرر ڪري انھن کان ذاتي مفاد حاصل ڪيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ٿاڻا ڪميشن تحت ھلي رھيا آھن، جنھنڪري ڪنھن بہ ضلعي ۾ امن ناھي. مزدور، ھاري ۽ پورھيت ماڻھو انصاف کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. غريب ماڻھو ھڪ ويلي جي ماني لاء پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي 18 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، شدت پسندي، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. عورتون، اقليتون ۽ ٻار محفوظ ناھن. زرعي منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضا ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊيم ٻوڏ جو سبب آھن. پنجاب ۾ ٻوڏ قدرتي ناھي، حڪمرانن ھٿرادو ڪٽ ۽ بن ھڻي پنجاب ۾ ٻوڏ آندي آھي. نااھل حڪمران پنھنجي ناڪامين کي لڪائڻ ۽ ڪرپشن لاءِ ڊيمن جو رينگٽ ڪري رھيا آھن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي عورتن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي. خراب حڪمراني سنڌ جي امن، صحت، تعليم، بلديات، زراعت سميت سمورو نظام تباھ ڪري ڇڏيو آھي. صرف ٻوڏ وارن ڏينھن ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي ڇڏيو وڃي ٿو، ان کانپوءِ درياھ ۾ واري پئي اڏامندي آھي. سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آھن. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا قبول ناھن. غير قانوني پرڏيھي واپس پنھنجي ملڪن ڏانھن موڪليا وڃن. ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ سختي سان نه برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي.ٺٽو، سجاول، بدين جي ساحلي پٽيءَ جا ماڻھو بک، بدحالي، بيروزگاري سميت انتھائي غربت جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. قومي عوامي تحريڪ مٽياري جي ضلعي صدر ماجد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ نوان ڪئنال ٺاھيا ويا تہ سنڌ ۽ ڪروڙين ماڻھو اڃ ۽ بک ۾ مري ويندا. ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌي ماڻھن جي پيرن ھيٺان زمين ڪڍڻ ۽ پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن بنائڻ جو منصوبو آھي. حڪمران سنڌ ۽ عوام کان لاتعلق آھن. زمينون، درياھ، بندرگاھ، ٻيٽ ۽ ٻيا وسيلا ڏئي پ پ حڪمرانن اقتدار خريد ڪيو آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن، منشيات فروشن، قبضا گيرن جي حڪمراني آھي. جيڪو ماڻھو حڪمران طبقي جو ناھي اھو انصاف، امن ۽ بنيادي انساني قانوني حقن کان محروم آھي. جمھوريت جي نالي ۾ مافياز جي حڪمراني قائم آھي. عبدالغفور کوسي خطاب ڪندي چيو تہ سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن آھي. ڪنھن بہ آفيس ۾ ڪرپشن کانسواءِ ڪم نٿو ٿئي. ميرٽ جي لتاڙ، منشيات، ماڻھن جو اغوا روز جو ڪاروبار بنجي ويو آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ کي ڀڙڀانگ بنايو ويو آھي. جلسي کي سنڌياڻي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، نذير بليدي، ظفر خاصخيلي، رب ڏنو ملڪ ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.