سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات

سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ جماعت اسلامي وفد جي آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جي اڳواڻي ۾ جماعت اسلامي جي ھڪ وفد اڄ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ سان سي پي او آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، خاص طور تي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ خراب حالتن تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ امن قائم ڪرڻ ۽ عوام جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ تي زور ڀريو. صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو تہ بدامني، ڀتا خوريءَ ۽ ڌاڙيل راڄ جي وڌندڙ آزار ڪري شريف شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن خاص طور تي ھندو برادري عدم تحفظ ۽ ٻٽي عذاب ۾ آھي. اقليتي برادري جي اڪثريت پنھجو ڪاروبار بند ۽ اباڻان گھر ڇڏي وئي آھي جنھن جي ڪري اتان جي ڪاروبار معيشت ۽ زراعت کي ڪاپاري وارو ڌڪ لڳو آھي. ٻئي پاسي قبيلائي جھيڙن بہ معمول جي زندگي مفلوج ۽ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. جهيڙيندڙ ڌرين جا اڪثر سردار تہ پاڻ ۾ کير کنڊ آھن. پارليامينٽ ۾ گڏجي ويھڻ سان گڏوگڏ آھي پرڻو ۽ مرڻو گڏجي کائن ٿا پر پنھجي ھڪ ھٽي کي قائم رکڻ لاءِ برادري کي ھڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ۾ لڳائي رکيو اھي. جيڪو سراسر ظلم ۽ سنڌ دشمني آھي.قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن کي قانون جي ڪڙوڪي ۾ ضرور آندو وڃي.سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ جماعت اسلامي جدوجھد ڪري رھي آھي.ڇوتہ امن سان ئي تعليم ، ڪاروبار معيشت کي ھٿي ملندي ۽ سنڌ ترقي ڪندي .آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ ملاقات ڪندڙ جماعت اسلامي جي وفد کي يقين ڏياريو ته هو ان سلسلي ۾ هر ممڪن قدم کڻندا. جماعت اسلامي جي وفد غلام نبي ميمڻ سان سندس امڙ سانئڻ جي وفات تي تعزيت ڪندي مرحومه لاءِ مغفرت جي دعا پڻ ڪئي. وفد ۾ صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنه، جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو ۽ معاون خاص زاهد حسين راجپر به شامل هئا.