English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي بحريا ٽائون مان عورت کان ڏينهن ڏٺي جو ڦر
189 views
|
12th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
پرسنٽ 1 ايريا ۾ هٿياربندن عورت کان ڪار ۽ قيمتي سامان ڦري ڪار ڇڏي فرار ٿي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بحريا ٽائون ڪراچي جي علائقي پرسنٽ 1 ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربندن عورت کي يرغمال بڻائي سندس ڪار ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري ورتو واردات کان پوءِ جوابدار ڪار ساڳي هنڌ ڇڏي فرار ٿي ويا اطلاعن موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن متاثر عورت ذاتي ڪم سانگي پرسنٽ 1 ۾ موجود هئي. اوچتو ٻن هٿياربند جوابدارن کيس روڪيو ۽ گن پوائنٽ تي ڪار ڦر ڪئي. ڪار ۾ موجود نقد رقم، موبائل فونز ۽ ٻيو قيمتي سامان پڻ ساڻ ڪري فرار ٿي ويا.رهواسين جو چوڻ آهي ته جوابدار تمام منظم ۽ ماهر انداز ۾ عورت کي نشانو بڻايو، ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ سڄي واردات سرانجام ڏئي فرار ٿي ويا واردات جي فوري بعد علائقي واسين سيڪيورٽي ادارن کي اطلاع ڏني. بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي ٽيم ۽ مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. سي سي ٽي وي فوٽيج ذريعي شواهد گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
بحريا ٽائون ڪراچي
0 تبصرے