English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو: ڪي ايف سي هوٽل جي برانچ مئنيجر تي برطرف ملازم ناري پاران هراسان ڪرڻ جا الزام
views
|
08th May 2023
•
سنڌي خبرون
هوٽل جي برانچ مئنيجر دوستي نه رکڻ تان نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو: ناري جو الزام
لاڙڪاڻو: ڪي ايف سي هوٽل جي برانچ مئنيجر طرفان ملازمت ڪندڙ نوجوان ناري کي مبينا دوستي نه رکڻ تان نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو، ناري مئنيجر مٿان دوستي رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهي لاڳاپا رکڻ لاءِ حراسان ڪرڻ جو الزام لڳائيندي مئنيجر خلاف ڪاروائي ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آھي.نظر پاڙي جي رهواسڻ رهواسڻ ثمينه دانهيندي الزام لڳايو ته مان 10 مهينا ڪي ايف سي ۾ ملازمت ڪئي جتي برانچ مئنيجر فياض ميمڻ مون کي دوستي رکڻ لاءِ مختلف طريقن سان ڪم واري هنڌ توڙي موبائيل فون جي ذريعي ڳالهائي دوستي رکڻ لاءِ دٻاءُ وجهي مختلف طريقن سان تنگ ڪندو هو لاڙڪاڻو ايتري حد تائين جو مون کي ايترو به چيائين ته سندس الڳ روم آهي ۽ مان اتي اچي ساڻس ملاقات ڪيان انڪار تي هن مون کي ٽارچر ڪيو جنهن ڪري مان اڪثر خوف حراس ۽ پريشاني واري حالت ۾ رهي ملازمت ڪندي هيس ان باوجود هن منهنجو جيئن جنجال ڪري ڇڏيو ۽ رمضان مهيني ۾ افطاري ڪرڻ به نه ڏيندو هو، مون ڪيترائي ڀيرا کيس منع به ڪئي ۽ سندس چوڻ نه وٺڻ تي هن مون کي عيدالفطر جي ٻئي ڏينهن ملازمت مان فارغ ڪري ڇڏيو. هن چيو ته منهنجو واسطو غريب ڪٽنب سان آهي، گهر ۾ والد ۽ معصوم ڀائر آهن ۽ مان اڪيلي نياڻي ڪي ايف سي ۾ ملازمت ڪري گهر ڀاتين جي ڪفالت ڪندي هيس جنهن مون کي بيروزگار ڪري ظلم ڪيو آهي، منهنجو ميڊيا تي اچڻ جو مقصد فياض ميمڻ کي سخت سزا ڏياري ٻين نياڻين کي سندس چنبي مان بچائڻ آهي تنهن ڪري ميڊيا تي آواز اٿاري رهي آهيان. هن مطالبو ڪيو ته فياض ميمڻ خلاف سخت ڪاروائي ڪري مون کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن مستقبل ۾ ڪنهن نياڻي سان ائين نه ٿئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
KFC
Larkana
Branch
herasment
girl
rape
0 تبصرے