English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
130 views
|
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ليکڪ: سامي ميمڻ
ڪراچي، جيڪو سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ معاشي مرڪز آهي، پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سياسي طور هڪ “تتل ميدان” رهيو آهي. هتي اقتداري ڌريون جيئن پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون پنهنجي پنهنجي دور ۾ اثرانداز رهيون آهن. پر ساڳئي وقت سنڌ جي بنيادن تي ڪم ڪندڙ قومي سياسي ڌريون به پاڻ کي مخالف ڌر طور پيش ڪنديون رهيون آهن. سوال اهو آهي ته ڇا اهي قومي ڌريون واقعي ملير، ڪراچي ۾ مؤثر مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن يا سندن ڪردار وقت سان گڏ ڪمزور ٿي ويو آهي؟
1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي خاص ڪري ملير جي ٻهراڙين ۾ قومي سياست عروج تي هئي. ان وقت جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون سرگرم هيون.انهن تنظيمن جو اثر صرف جلسن تائين محدود نه هو، پر عملي طور ڳوٺن ۾ يونٽ قائم هئا. هر ڳوٺ ۾ ڪارڪن موجود هئا، جيڪي سياسي گڏجاڻيون، ادبي ويهڪون ۽ احتجاجي تحريڪون هلائيندا هئا. نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلندا هئا. پاڻي، زمين، روزگار ۽ وسيلن جي ورڇ بابت واضح موقف اختيار ڪيو ويندو هو.ان دور ۾ قومي ڌريون نه صرف نظرياتي طور مضبوط هيون پر عملي ميدان ۾ به سرگرم نظر اينديون هيون. ملير سميت ڪراچي جي شهري علائقن سميت ٻهراڙين ۾ انهن جو سماجي اثر به نمايان هو.
1990ع واري ڏهاڪي کانپوءِ صورتحال ۾ نمايان تبديلي آئي. قومي سياسي ڌرين جي سرگرمين ۾ آهستي آهستي گهٽتائي ايندي وئي. اڳ جيڪي يونٽ هر ڳوٺ ۾ سرگرم هئا، اهي غيرفعال ٿيڻ لڳا. جلسا ۽ احتجاج گهٽجي ويا، ۽ سياسي تحريڪ جو زور گهٽ ٿيو.گهڻيون قومي ڌريون اندروني اختلافن جو شڪار ٿيون. هڪ ئي فڪر مان نڪتل ڪيترائي ڌڙا ٺهي پيا، جنهن سبب سياسي طاقت ورهائجي وئي. گڏيل حڪمت عملي نه هجڻ ڪري اثر گهٽ ٿيو.مرڪزي پارٽين وٽ مالي ۽ انتظامي وسيلا وڌيڪ هئا، جڏهن ته قومي ڌريون محدود وسيلن سبب وسيع سطح تي مهم هلائي نه سگهيون.ڪراچي جي آبادي ۾ واڌ ۽ نون برادرين جي اچڻ سان سياسي ترجيحات بدلجي ويون. قومي نعرا شهري مسئلن جهڙوڪ پاڻي، ٽريفڪ، صفائي ۽ روزگار جي مسئلن جي مقابلي ۾ پوئتي رهجي ويا.ڪراچي ۾ بدامني ۽ سياسي ڇڪتاڻ واري دور به قومي سياست تي اثر وڌو. ڪيترائي ڪارڪن غيرفعال ٿيا يا سياست کان پري ٿي ويا.نوجوانن جي لاتعلقي نئين نسل ۾ نظرياتي سياست بدران عملي فائدن تي ڌيان وڌيو. روزگار ۽ تعليم جا مسئلا اهم بڻجي ويا،
جڏهن ته قومي سياست ۾ واضح عملي پروگرام جي کوٽ محسوس ٿي.هاڻوڪي دور ۾ ملير، ڪراچي ۾ قومي سياسي ڌريون موجود ضرور آهن، پر سندن سرگرميون گهڻو ڪري علامتي نوعيت جون آهن. قومي ڏينهن ملهائڻ، پريس ڪانفرنس ڪرڻ يا سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪرڻ تائين سياست محدود ٿي وئي آهي.مخالف ڌر جو اصل ڪم حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ، متبادل حل پيش ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن تي منظم جدوجهد ڪرڻ هوندو آهي. پر ملير ۾ پاڻي جي کوٽ، زمينن تي قبضا، بي روزگاري ۽ شهري سهولتن جي کوٽ جهڙن اهم مسئلن تي قومي ڌرين جو گڏيل ۽ طاقتور آواز گهٽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.تحقيقي جائزي مان لڳي ٿو ته قومي ڌريون پاڻ کي مخالف ڌر سڏائن ٿيون،
پر عملي طور سندن اثر محدود آهي. چونڊن ۾ خاطرخواهه نتيجا نه اچڻ، عوامي سطح تي منظم تحريڪ نه هئڻ ۽ قيادتي ورهاست سبب سندن سياسي وزن گهٽ ٿيو آهي.ٻئي طرف اقتداري ڌريون پنهنجي وسيلن ۽ حڪومتي طاقت سان سياسي ميدان تي غالب رهيون آهن. نتيجي طور قومي ڌريون حقيقي سياسي متبادل پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.گڏيل اتحاد قائم ڪيو وڃي قومي ڌرين کي پنهنجا اختلاف ختم ڪري گڏيل پليٽفارم تي اچڻ گهرجي.ڳوٺن ۾ تنظيم بحال ڪئي وڃي يونٽن کي ٻيهر فعال بڻايو وڃي ۽ باقاعده گڏجاڻيون ڪيون وڃن.نوجوان قيادت کي اڳتي آندو وڃي جديد دور جي مسئلن تي واضح پاليسي تيار ڪئي وڃي.
عوامي مسئلن تي تحريڪ هلائي وڃي پاڻي، زمين ۽ روزگار جهڙن مسئلن تي منظم جدوجهد ڪئي وڃي.سوشل ميڊيا ۽ تحقيقي رپورٽن ذريعي پنهنجو موقف مؤثر انداز ۾ پيش ڪيو وڃي.ڪراچي ملير ۾ قومي سياسي ڌرين جو ماضي شاندار رهيو آهي، خاص ڪري 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ سندن اثر نمايان هو. پر 90 واري ڏهاڪي کان پوءِ تنظيمي ڪمزوري، قيادتي اختلاف ۽ بدلجندڙ شهري سياست سبب سندن ڪردار گهٽجي ويو آهي.جيڪڏهن قومي ڌريون واقعي مخالف ڌر جو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿيون ته کين منظم، متحد ۽ عملي سياست اختيار ڪرڻي پوندي. ملير جهڙي علائقي ۾، جتي سياسي شعور جي تاريخ موجود آهي، اتي ٻيهر سرگرم ۽ بااثر قومي سياست جنم وٺي سگهي ٿي پر شرط اهو آهي ته قيادت سنجيدگي، حڪمت عملي ۽ عوامي رابطي کي اوليت ڏئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون
ليکڪ: سامي ميمڻ
0 تبصرے