ٺٽو (شفيق ڀٽي)سنڌ جي ڏاھي فرزند ،سنڌودريا ۽ ڀٽائيء جي فڪر جي عاشق رسول بخش پليجو جي ورسيء جي حوالي سان سنڌ ڪلچرل فورم جي قيادت پاران سندس مزار تي حاضري، ڀٽائيءَ جي شاعريءَ،گلن ۽ گيتن سان ڀيٽاپيش،خبر موجب سنڌ جي عظيم ڏاھي فرزند ،سنڌو درياءَ جي وڪيل ۽ عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي جي ستين ورسيءَ جي حوالي سان سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽي پاران نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ،سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو،سينيئر شاعر قدرت الله ڪيف؛پليجو،سياسي سماجي شخصيت رضوان علي بروھي،فاروق پليجو ،ڪامريڊ علي محمد بروھي ،سانوڻ برفت انيل پليجو۽ ٻين جي قيادت ۾ جنگشاهي لڳ ڳوٺ موندر پليجو ۾ رسول بخش پليجي جي آخري آرام گاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح پڙهڻ سان گڏوگڏ کيس ڀٽائيءَ جي بيتن،ترنم ۾ گيت گنگنائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.ان موقعي تي ساڃاه وندن چيو ته رسول بخش پليجو جون سموريون سياسي، علمي،ادبي ۽ قانوني پورھيو ء جاکوڙ سنڌ ،سنڌو درياءَ ،سنڌ جي وجود جي بقا ،وسيلن جي مالڪي سان گڏوگڏ مظلوم قومن ۽ طبقن جي ڀلائي ،بھتري،سجاڳي ۽ آجپي لاءِ ھيون.ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءَ جي جياپي جي دشمن قوتن کي پنهنجي دليلن توڙي شاندار جدوجهد سان رڪ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪندو رھيو لاڏٻائيء جي ڪک مان جنميل رسول بخش پليجو شاھ لطيف جي شاعري ء فڪر جو عاشق ۽شارح ھيو جنھن پنھنجي سياسي شاگردن توڙي پوئلڳن جي تربيت به لطيفي فڪر جي روشنيءَ ۾ ڪئي جيئن لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي ھيرو ڪيو آھي ايئن ھن به سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن کي ايترو ته نظرياتي حوالي سان پختو ٽرينڊ ڪيو آھي جو اھي سسئيءَ جو ٻيو روپ بڻجي ويون اھن پليجو جي سياسي تربيت جو ٻيو وڏو ڪمال اھو به رھيو آھي ته ھن پسمانده طبقن ۽ برادرين جي ماڻھن کي اڳتي آڻي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي جي برابر بيھاريو ۽ مختلف وقتن تي انھن کي پنھنجي جماعت جي قيادت پڻ ڏيندو رھيو ان موقعي تي تازو لاڏاڻو ڪري ويل سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ادي حور النساء پليجو جي آخري آرام گاھ تي پڻ گلن جون پتيون نڇاور ڪري سنڌ،سنڌو درياءَ ۽ سنڌياڻين لاءِ ڪيل سندس شاندار جاکوڙ تي کيس عظمت ڀريو سلام پيش ڪيو ويو.
0 تبصرے