شڪارپور: سندراڻي- بروهي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل، لاش رکي ڌرڻو

خوني تڪرار تان مارجي ويلن جو انگ ٻن واٽهڙن سميت 10 ٿي ويو

شڪارپور: سندراڻي- بروهي تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ٻن ڀائرن سميت 4 ڄڻا قتل، لاش رکي ڌرڻو

شڪارپور(احسان ابڙو) لاڙڪاڻو روڊ تي ٽول پلازه وٽ ھٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ،چار ڄڻا مارجي ويا، موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو مارجي ويل م ڳوٺ شادي خان واسي نور محمد سندراڻي، سندس ڀاءُ نظام،آدم سندراڻي ۽ ڪار ڊرائيور رسول بخش معرفاڻي شامل، چئن ڄڻن جي قتل خلاف سندن وارثن شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ تي لاش ررکي ڌرڻو هنيو، ڪجهه ڪلاڪن بعد ڌرڻو ختم ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ڦر جي مامري تان ٻنجي ڌرين جا 6 ڄڻا مارجي ويا هئا جنهن جو علائقي جي چڱن مڙسن جرڳو پڻ ڪيو جنهن ۾ بروھي برادري جي مامل بروهي جي خون جي بها 50 لک مقرر ڪيو ويو جڏهن ته في خون جي بها 25 لک رکي وئي هئي ھڪ سال بعد ٻيھر جھيڙو شروع ٿيو سال اڳ ۾ سندراڻي ۽ بروھي تڪرار جو نبيرو ايم پي اي امتياز شيخ جي ھائوس شڪارپور هائوس شڪارپور ۾ ٿيو ھو ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور هڪ1 ڪروڙ 91ايڪيانوي لک رپيا چٽي وڌي وئي بروهي ڌر تي چار خون ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 91 لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته سندراڻي ڌر تي بروهي برادري جا ٻه خون ثابت ٿيڻ تي 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو هڪ سال به نه ٿيو وري جهيڙو ڀڙڪي اٿيو جنهن ۾ 4 وڌيڪ قتل ٿيا، ٻنھي ڌرين جا 2 واٽھڙن سميت 10 ڄڻا قتل تي چڪا آھن