غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون

عبدالوحيد عباسي

غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ نيون ٽيڪسون

ملڪ جي عوام کي خوشحالي ۽ ترقيءَ جا سهڻا ۽ خوبصورت خواب ڏيکاريندڙ پاڪستان مسلم ليگ نواز وارن جي موجوده حڪومت بجيٽ 2025/ 26 اصل غريب عوام ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ هن مهانگائي جي دور ۾ نت نيون نام نهاد هروڀرو جون ناجائز ٽيڪسون لڳائي ويتر مهانگائي جو پهاڙ ڪيرائي ڇڏيو آهي. حياء ۽ شرم جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف حڪمران پنهنجون پگھارون 800 سيڪڙو وڌائن ٿا جتي انهن جي ٻه لک پگهار هئي اتي انهن جون ٻارهن تيرهن لک پگهار ڪئي وئي آهي. انهن کي بجلي، گيس، پئٽرول، گاڏيون بنگلا، سفري سهولتون مفت ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ انهن کان ڪو مائي جو لال ٽيڪس به نٿو وٺي سگهي. ٻئي طرف وري ننڍن سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڇهه سيڪڙو بعد مس مس ڏهه سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ صرف 7 سيڪڙو شرم ڪرڻ گهرجي اهڙي بجيٽ پيش ڪرڻ واري کي، ڪير ٻڌائي ته هن مهانگائي ۾ گهر جي ڇهه گهر ڀاتين جو ماهوار ڪيترو خرچ اچي ٿو؟ پوء عوام مٿان ٽيڪس مٿان ثيڪس لڳائي کربين رپين جا مال رڳو حڪمرانن جي ڀڀ ۾ وڌا وڃن ٿا. جيڪي پهريان حڪمران هئا اهي پنهنجن يس مين ، او ڪي سر جي چوٻول ۾ اهڙا ته گم ٿي ويا آهن جو انهن کي پنهنجن ووٽرن سان ملاقات، ووٽرن جي ڏک، تڪليفن، اهنجن ۽ دردن جو ڪو احساس ئي نه رهيو آهي پنهنجي هٺ ڌرمي ۾ ڦاٿل وزير هاڻي هٿ پير هڻڻ لڳا آهن ته اسان سان ته ويڌن ۽ تادي ٿي آهي ۽ اسان کي ته مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي عام ماڻهو ته عام پر هاڻي وڏن ايوانن ۾ ويٺل وزير ۽ ڪامورا به ڀيانڪ ڪرونا وائرس جهڙي مهانگائيءَ کان ملڪ جو عوام تنگ ۽ بيزار ٿي چڪو آهي. ملڪ جي ٻنهي ايوان بالا سينيٽ جي چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ وزيرن جون پگهارون ۽ الائونسز ايترا سارا وڌايا ويا آهن جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ ڪو مثال ناهي، ملڪ جي هر طبقي هي ماڻهن سرڪاري ملازمن شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪ طرف عام ماڻهو جي شديد مهانگائي ۾ بجيٽ ٽيڪسن چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي ۽ موجوده مڪسر ن ليگ، پ پ پ، ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ زندگي زهر بڻجي وئي آهي مٿان وري غريب مسڪين سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ پيرسن، ضعيف العمر عام ماڻهن جي پگهارن وڌائڻ بجاءِ وزيرن ۽ ايوانن ۾ عوام جي بهتريءَ لاءِ سوچڻ بجاءِ حڪمرانن کي پنهنجي لڳي آهي ۽ اهي پنهنجون پگھارون وڌائي رهيا آهن باقي غريب ماڻهو ۽ سرڪاري ملازمن جو ڪو سوچڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري غريب عوام ۽ اها ڳالهه سوچڻ تي مجبور ٿيو آهي ته ملازم چون ٿا ته هيءُ سمورو ناانصافيءَ تي ٻڌل نظام آهي، جنهن ۾ ڪافي مسئلا درپيش آهن برابري ۽ قانوني طرح عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن، صحت، تعليم، امن و سلامتي عوام جا مکيه مسئلا آهن. اها ڳالهه به ڪئي وئي ته آرٽيڪل 73 ۽ 74 موجب پگهارون وڌائڻ جي اجازت نٿيون ڏيئي سگهجن، پهريان انهي لاءِ قومي اسيمبليءَ اندر بل پاس ٿيڻ بعد پوءِ سينيٽ ۾ انهي معاملي تي ڳالهائي سگهجي ٿو پر انهي لاءِ پهريان ملڪ جي عام ماڻهن جي غربت کان بدحالي ۾ مبتلا زندگي جي راهه نجات لاءِ ٺهراءَ ۽ رٿون پيش ڪيون وڃن.ڇاڪاڻ ته هن وقت هرهڪ جاءِ تي مارڪيٽن بازارين ۾ مهانگائي سبب دڪاندار پنهنجا نام نهاد ۽ هٿ ٺوڪيا اگهه مقرر ڪري پنهنجون من مستيون ڪنديروزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جون قيمتون وڌائي ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر تي علاج ڪرائڻ وڃجي ٿو ته اتي 30 هزارن بجاءِ 40 هزار رپيا آپريشن جي ٿورو ڪندي فيس وصول ڪن ٿا ۽ وري علاج جي لاءِ جڏهن مريض ڊاڪٽرن جي دوائن جي فهرست ڏسي ٿو ۽ انهن جي پنهنجن يا وري ويجهن رشتيدارن عزيزن جي ميڊيڪل سينٽرن جي اندر قائم ڪيل ميڊيڪل اسٽورن تي پهچي ٿو ته اهي ڀلارا وري رهي ڪهي ڪسر باقي پوري ڪندي مريض کي اڳين واري حال کان بي حال ڪري بستري تي ليٽائي ڇڏين ٿا.انهي لاءِ اسان جي سينيٽرن ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن ۽ وزير صاحبان کي کپي ته هو پنهنجون پگهارون وڌائڻ بجاءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام لاءِ مهانگائي کي ختم ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن ۽ انهي لاءِ قانون سازي سميت روزمرهه جي استعمال واري شين جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول لسٽ “ PRICE CONTROL LIST ” لاءِ رسمي ۽ فارملٽي طور نه پر عملي طرح سخت اپاءَ وٺندي مارڪيٽ بازارن ۾ روزانو جي بنياد تي اوچتا هنگامي حالتن وانگر جيئن جوا خانن، شراب خانن، منشيات جي اڏن ۽ براين جي جاين تي ڇاپا هنيا ويندا آهن، اهڙي طرح ئي هاڻي جعلي هٿرادو ۽ من ماني ذخيره اندوزي ڪندڙ ڪرپٽ واپارين، ڪاروبار جي نالي تي بدنما داغ ماڻهن، دڪاندارن جو گهيرو تنگ ڪندي شين جا اگهه روزانو نوان ريٽ قيمتون مقرر ڪندڙ مافيائون کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو وڃي ۽ انهن جي مٿان مختصر ڏنڊ جرمانو لڳائڻ بجاءِ انهن جا دڪان سيل ڪري ذخيرو ڪيل حڪومت پنهنجي تحويل ۾ اهو مال وٺي سخت سزا ڏيڻ جي قانوني سازي وارو عمل ورجايو وڃي باقي نه ته هيءُ هن ملڪ ۾ وک وک تي مافيائون عوام جو جيئڻ جنجال ڪندڙن جو ڪير احتساب ڪندو؟، عام ماڻهو هن وقت وڏي شديد پريشاني ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جيڪڏهن ايوانن ۾ ويٺل وزيرن ۽ اسانجي معتبر ميمبرن کي ٿورو وقت ملي ته اهي زمين تي لهي اچي هن مهانگائي جي راڪاس کي به ڏسن ته ٻچڙي وال ماڻهو هن دور ۾ ماني ڳڀي لاءِ ڪيترو پريشان ۽ ذهني ڪيفيت کي منهن ڏيئي رهيو آهي، ڪنهن وزير صاحب، ڪاموري، ڊاڪٽر، انجنئير، يس سر، اوڪي، جي ميان ڪندڙ ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته هن جهان ۾ خود دار قسم جي ماڻهن جو مهانگائيءَ سبب زندگيءَ جو سفر ڪيڏو محال بڻجي ويو آهي،اسانجا حڪمران خدارا رات بجاءِ ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه قيمتون معلوم ڪري وٺن ته غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ ڪيئن لاچار ۽ بيوس بڻيل آهي.غربت ۽ مفلسيءَ سبب ملڪي سروي مطابق ڪرائيم ڏوهن ۽ سماجي براين ۾ تيزيءَ سان واڌ اچڻ لڳي آهي جڏهن غريب، تنگدست، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن جي سروي دوران قمبر شهدادڪوٽ سائيڊ جي پوئتي پيل علائقن ۾ هڪ 60 يا 65 سالا پيرسن لٺِ جي سهاري سان ٻاهر اچي ٻڌايو ته 14 کان 16 نوجوانن کي اچڻ شرط چوڻ لڳو ته ابا منهنجون 7 نوجوان نياڻيون گهر ۾ ويٺل آهن، غربت مفلسي ۽ مهانگائي ۾ پيٽ پالڻ مشڪل ٿي ويو آهي، انهن جون شاديون نٿو ڪرائي سگهان خدا جي واسطي توهان آيا آهيو، 7 ئي ڌيئر منهنجون توهان شادي ڪري هاڻي ئي ڀلي وٺي وڃو، مان پنهنجو ۽ نياڻين جو پيٽ پالڻ ۾ ذهني طرح شديد ترين ذهني پريشان آهيان ۽ اذيت ۾ زندگي گذاري رهيو آهيان. جنهن کان پوءِ اسان غريب مسڪين ماروئڙن جي سروي ڪندڙ ٽيم جي سڀني دوستن کي ڏندين اڱريون اچي ويون ته ايڏي وڏي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ڪندڙ پيرسن مرد پنهنجي دل تي وڏو پٿر رکي ڪيڏي ڳالهه ڪري روئڻ جو ويٺو انهي جي اکين مان نار وهڻ لڳا، اسان سڀئي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد ڪيترو وقت خاموشي ۽ سڪتي ۾ اچي وياسين ته منهنجي سنڌ ڌرتيءَ تي ايتري غربت جي لڪير پهتل آهي ۽ پيرسن ماڻهوءَ اهو به نه سوچو ته هيءُ ڪهڙي خاندان، ڪٽنب، قبيلي جا نوجوان آهن ؟، انهن اڻ ڏٺل ۽ پهريون دفعو سامهون ايندڙ ماڻهن کي مان پنهنجي جگر جا ٽڪر نياڻيون ڪيئن ٿو ڏيان ؟، سوچڻ وارو، حساس دل ۽ دماغ وارو ماڻهو انهيءَ گهيري ڳالهه کي ويچاريندو ته اها وڏي انتهائي تڪليف دهه ڳالهه آهي پنهنجي ماحول معاشري جي لاءِ اها هڪ بار نه پر لک دفعا سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪا اسان جي سنڌ هر طرح جي معدني وسيلن سان مالا مال ۽ قدرتي نعمتن سان ڀرپور آهي انهي سنڌ سان اهڙا هانوءَ ڏياريندڙ ڪيس ٿي رهيا آهن.سالن کان پنهنجي ڌرتي پنهنجي ملڪ ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جيڪو سڀني صوبن کان وڌيڪ معدني وسيلن سان مالا مال صوبو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي دانشورن ڏاهن ۽ تجزيه نگارن موجب سنڌ هن ملڪ کي 73 سيڪڙو گئس ڏي ٿي،70 سيڪڙو پئٽرول، 50 سيڪڙو بجلي، 75 سيڪڙو روينيو، 99 سيڪڙو ڪوئلو، هن ملڪ جو 95 سيڪڙو ڪاروبار سنڌ جي رستي ٿئي ٿو سنڌ جا روڊ رستا استعمال ٿين ٿا، هن ملڪ جي سمنڊ جهڙي نعمت سنڌ صوبي ۾ آهي ۽ سنڌ هن ملڪ کي پورٽ رستي سڄي دنيا سان ملائي ٿي.ڇا پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي ؟هيءُ سوال هڪ سوئس بئنڪ جي ڊائريڪٽر جو آهي.انهيءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستان 97 ارب ڊالر جي رقم سوئس بئنڪن ۾ پئي آهي.جيڪا پاڪستان جي 30 سالن تائين ٽيڪس فري بجيٽ جي لاءِ ڪافي آهي ۽ انهيءَ ايتري ساري وڏي رقم مان ملڪ جي 6 ڪروڙ نوجوان بيروزگارن کي نوڪريون ڏيئي سگهجن ٿيون، ملڪ جي ڪهڙي به حصي کان ويندي ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد تائين 4 پاسن کان روڊ ٺهي سگهن ٿا، 500 کان وڌيڪ بجليءَ جا پاور پراجيڪيٽس بڻجي سگهن ٿا ۽ جنهن ذريعي هميشه جي لاءِ پنهنجي پوري ملڪ کي فري بجلي ملي سگهي ٿي، سوئس بئنڪن ۾ پاڪستان جي شهرين جو پئسو ۽ ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن پاران لٽيل ڦريل ڊالرن جي صورت ۾ پئسا جيڪڏهن 60 سالن تائين بيروزگارن يا وري ضعيف العمر پيرسن ماڻهن کي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ رڳو 20 هزار رپيا معاوضو ڏنا وڃي تڏهن به ڪا ڪمي نه ايندي ۽ اسانجي پئسن جي واپسي ٿئي ته ڪنهن به ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ، يورپين بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کان ڪنهن به قسم جو قرض وٺڻ جي ڪا به باقي ضرورت نٿي رهي . پر بدقسمتيءَ سان هتي ملڪ جي حڪمرانن جون روايتون ئي کائو پيئو ۽ عيش عياشيون ڪريو وارو فارمولو رهيو آهي. جيئن موٽر وي، قرض اتارو ملڪ سنوارو، ايل ڊي اي، ميٽرو بس سروس، نندي پور، نيلم جهلم، دانش اسڪول انهن سڀني جو حڪمران چون ٿا ته رڪارڊ سڙي ويو آهي. پبلڪ سيڪٽر ۾ سابقه حڪمرانن ڪيترو نقصان ڏنو جنهن ۾ اڳ ۾ 495 ارب هيو ته پوءِ 1100 ٿيو ۽ ايڪسپورٽرس 24 ارب ڊالر هيو اهو 20 ارب ڊالر تي پهتو، بيروزگاري 6.24 هئي پوءِ وڃي پهتي 9 سيڪڙو تي، شرح خواندگي 60 سيڪڙو مان 58 تي پهتي، صحت جهڙي شعبي ۾ 56 هئي ته اها وڃي 46 سيڪڙو تي وڃي پهتي.هن ملڪ ۾ هن وقت به نجي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ هڪ ٽيچر کي صرف ٽي هزار رپيا پگهار ۽ سڀ فيڪٽريون ڪارخانن ۾ 8 کان 9 هزار رپيا ڏين ٿا. روزانو جو خرچ؛ زال مڙس ۽ 2 ٻار سبزي اڌ ڪلو پٽاٽا، پالڪ 60 رپيا، گيهه مرچ مصالحه 30 رپيا،، گيس يا سلينڊر 30 رپيا، اٽو چانور اڌ ڪلو 50 رپيا، بجلي بل 1600 رپيا، مسواڙ جڳهه ڪرايو 70000، ڪل ٽوٽل 13700 رپيا ٿيا،اٽو 10 ڪلو 400 رپيا، تيل اڍائي ڪلو 455 رپيا، دال هڪ ڪلو واري 5 داليون 800 رپيا، چانور اڍائي ڪلو 250 رپيا، کنڊ اڍائي ڪلو 160 رپيا، ٽوٽل 2065 ٿيا، گوشت عيد يا شادي وغيره تي ٻارن کي دلاسا ڏيڻ، ظالم حڪمران ٻڌائين ته انهن پئسن ۾ ڇا غريب جو ٻار کير پي سگهي ٿو ۽ انهيءَ پگهار مان ڇا غريب جو ٻار اسڪول وڃي سگهي ٿو، ڇا هاسٽل وڃي سگهي ٿو، ڪپڙا وٺي سگهي ٿو، فروٽ وٺي سگهي ٿو، اهڙي راڪاس بڻيل مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، ۽ ٻئي پاسي وري پاڪستان ۾ هڪ اهڙي جاءِ به آهي جتي روزمرهه جون کاڌي پيتي جون شيون نهايت گهٽ قيمت تي ملن ٿيون.چانهه صرف هڪ رپيو، سوپ ساڍا پنج رپيا، دال ڏيڍ رپيو، گوشت 21 رپيا، ماني صرف هڪ رپيو، چڪن ساڍا 24 رپيا، سبزي 4 رپيا، مڇي 13 رپيا، برياني 8 رپيا ڇا توهان کي خبر آهي ته اها جڳهه ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙن غريبن ۽ مستحق ماڻهن لاءِ آهي؟، هيءَ جاءِ پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي ڪينٽين آهي. جتي پاڪستان جا امير عوام جا غريب ۽ مستحق نمائندا پاڪستان جي امير عوام تي نت نوان ٽيڪس لڳائڻ تي غور ڪندا آهن ۽ انهن غريب نمائندن جي مهيني جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار تقريبن ٻه لک 80 هزار رپيا آهي.ملڪ ۾ بجليءَ جو بحران ته آهي ئي آهي پر اهو سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪري چڪو آهي هتي واپڊا سيپڪو توڙي حيسڪو انتظاميه پوليس جي ظلمن جا به سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. واپڊا کي جيستائين پرائيويٽ نجي اداري ۾ نٿو آندو وڃي تيستائين بجلي صارفين سان اهڙو ظلم زيادتيون ۽ ناجائزيون روز ئي ٿينديون رهنديون. واپڊا جا کاٽو پٽ پنهنجين سمورين غلطين۽ ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ عام عوام بجلي صارفين مٿان سڄو بار وڌو وڃي ٿو. بجلي ڪيتري مهانگي ڪري اسان توهان صارفين کي ڏني وڃي ٿي ۽ مٿان وري ڊڊڪشن بلن جو وڏو پهاڙ ڪيرايو ٿو وڃي. جڏهن ته ٻين سڌريل ملڪن ۾ جيئن ته جاپان ۾ شاگردن جي لاءِ بجلي فري آهي، اٽليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ٿيندي آهي، آمريڪا ۾ ماڻهو بجلي ٺاهي گورنمينٽ کي وڪرو ڪندا آهن، سنگاپور ۾ 12 مهينا برسات ٿيڻ باوجود هڪ منٽ به بجلي نه ويندي آهي، انڊيا ۾ ڪوئلي مان 70 سيڪڙو بجلي پيدا ٿيندي آهي، انگلينڊ ۾ ماڻهو پنهنجي ضرورت جي بجلي پيدا ڪري سگهندا آهن، چين ۾ سڀني گورن جي لاءِ بجلي فري اهي، ترڪي پنهنجي ملڪ سميت ٻين 3 ملڪن کي به بجلي ڏي ٿو، سعودي عرب صرورت جي 90 سيڪڙو بجلي پئٽرول مان ٺاهيندو آهي ۽ اسانجي پياري پاڪستان ۾ بجلي ميڊيسن ( دوا ) وانگر ڏني ويندي آهي، هڪ ڪلاڪ صبح......، هڪ ڪلاڪ منجهند ......۽ هڪ ڪلاڪ شام ......! اهڙي حالت ۾ اهڙي اداري واپڊا جي ڪهڙي ضرورت آهي جو جتي بجليءَ جو ٽرانسفارمر سڙي وڃي ته اتي اتان جا علائقي واسي بجلي صارفين پنهنجو چندو گڏ ڪري اهو ٽرانسفارمر ٺهرائن ٿا ۽ پوءِ مهينن کان بجلي ملي ٿي نه ته علائقا ڪاري اونڌاهه ۾ ڦاٿل آهن. جڏهن ته اهو واضع ٿيل آهي ته جنهن به واپڊا جي ڪرپٽ ملازم جي ڪرپشن هجي انهي کي 3 سال قيد ڪيو وڃي ۽ انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن پر هتي الٽي گنگا وهي رهي آهي.هن ملڪ ۾ ٻٽا معيار جڏهن پنهنجي مظلوم عوام سان وک وک تي رهندا ته پوءِٰ ماڻهو احساس محروميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بعد پنهنجي حڪمرانن کي ڪيئن سچو ۽ کرو چئي سگهن ٿا هاڻي ڏسجي ته موجوده حڪومت جو وزير شهباز شريف پنهنجي يادگار تقرير بعد بجليءَ جي بحران مان سنڌ کي ڪيئن ڪڍي ٿو ؟ نواز ليگ مڪسر حڪومت کي گهرجي ته هو غريب ماڻهن کي زندگي ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري ڏيکاري. جيئن غريب ماڻهو سمجهي سگهن ته واقعي هن ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاءِ نئون بجيٽ 2025/26 مهانگائي کان نجات وارو بجيٽ آهي، هن وقت غريب ماڻهو ٻه واٽي تي بيٺل آهي غربت جي لڪير کان هيٺ عوام ماني ڳڀي لاءِ در بدر شديد ذهني پريشان آهن ۽ اسان جا حڪمران نت نيون ناجائز عوام دشمن ٽيڪسون لڳائي غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.