عمرڪوٽ: پ پ اڳواڻ رميش ڏيون مالھي ۽ رتن لال جي ايم پي ايز ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات

عمرڪوٽ: پ پ اڳواڻ رميش ڏيون مالھي ۽ رتن لال جي ايم پي ايز ۽ سياسي اڳواڻن سان ملاقات

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي منارٽي ونگ ڊويزن ميرپورخاص جي صدر رميش ڏيون ڪمار مالھي عمرڪوٽ پھچي پيپلز پارٽي ايم پي اي سيد سردار علي شاه ۽ ايم پي اي سيد امير علي شاه سيد سرفراز علي شاہ ۽ مانجھاگر پھچي ايم پي اي نوابزاده تيمور ٽالپر سنڌ ھائوس پھچي ايم پي اي قاسم سراج سومرو ۽ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سيف الله خالد سراج سومرو کي عيد جون مبارڪون ڏنيون، ٻئي پاسي عمرڪوٽ پيپلز پارٽي اڳواڻ رتن لعل مالھي کاروڙو سيد پھچي پيپلز پارٽي ايم پي اي سيد سردار شاه پيپلز پارٽي ايم پي اي سيد امير علي شاه سيد سرفراز علي شاه ۽ مانجھاگر پھچي ايم پي اي نوابزاده تيمور ٽالپر ۽ ڳوٺ وليداد پلي پھچي ضلع ڪائونسل چيئرمين حاجي بقا پلي ۽ سنڌ ھائوس عمرڪوٽ پھچي ايم قاسم سراج سومرو ۽ ميونسپل ڪميٽي چيئرمين حاجي سيف الله خالد سراج سومرو ۽ کاروڙو سيد پھچي سيد سڪندر شاه کي عيد جون واڌايون ڏنيون جڏهن ته سندس پٽ پون رتن لعل سوماڻي، ڀرت، رتن لعل سوماڻي، مولچند رتن لعل سوماڻي، او پي ايس مالهي جئہ چوھاڻ صوفي چمن ساڻس گڏ موجود ھئا.