سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو

پروفيسر ابراهيم لاشاري

سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز  فوزيه سومرو

فوزيه سومرو سونهاري سنڌ جي اها فنڪاره آهي جيڪا ڏڪار ۽ خوشحالي واري ديس ٿر سان تعلق رکي ٿي، سڪاري واري حالت ۾ ٿر سرسبز هوندو آهي، ته گهمڻ ڦرڙڻ وٽان هوندو آهي . جڏهن قدرت جي سائي چادر سان ٿر ڍڪجي ويندو آهي. ته پري پري کان ماڻهن جا هجوم گهمندي پئي نظر ايندا آهن .مگر جڏهن ڏڪار ٿر تي نظر ايندو آهي، ته ماڻهڻ توڙي جانورن جو جئيڻ مشڪل ٿيو وڃي ۽ ٿر ڇڏڻ تي مجبور ٿئي پوندو آهي .ٿر جي خوشحالي جو سبب وسڪاري تي هوندو آهي تڏهن ئي ته سنڌي زبان ۾ چوندا آهن ته
وسي ته ٿر ، نه ته بر ئي بر
انهي ٿر جي سڃاڻپ اتان جي تهذيب ، ثقافت ۽ تاريخ جا اهم ڪردار هوندا آهن . اهڙن ڪردارن منجهان سر سنگيت جي ناليواري فنڪاره فوزيه سومرو جو به نالو اچي ٿو جيڪا سال 1966ع ڌاري ٿر جي شهر ويراواهه لڳ تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر منجهه ناٿو خان سومري جي گهر ۾ اکيون کوليون .سندس اصل سچو نالو( حڪيمان )هو سندس مٺڙي امڙجو نالو (ستان )هو .سندس ور جو سچو اصل نالو( طالب حسين) آهي جنهن کي پيار منجهان عام ڳوٺ وارا وري (حاجي مصري خان سٺيو ) ڪوٺين . فوزيه سومرو جو والد صاحب ان زماني ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ کنڊ جي ڪارخاني ۾ ملازم هو . هو ٿر کان لڏي اچي اتي گهر اڏيائين . هن جي والد ناٿو خان کي پڻ سر سنگيت سان دلچسپي هوندي هئي ، جيڪو سٺي سريلي آواز جو پڻ مالڪ هو ،هو پنهنجي آواز کي مسجدن منجهه مولود ، حمد ۽ نعتن پڙهي پنهنجي من جو سرور پورو ڪندو هو . فوزيه سومرو کي به پنهنجي والد جو مٺڙي آواز جو ذهن تي وڏو اثر ٿيو .هن کي به سر سنگيت جو فنڪار اندر ۾ جاڳي پيو ،فوزيه جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو جنهن سبب ڪري هن کي فن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏي ڏکيائيون کي منهن ڏيڻو پيو ، هو هڪ گهريلو ۽ پردي دار ڇوڪري هئي .مگر شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٽن مائٽن کان لڪي ڇپي ننڍن ننڍن پروگرامن منجهه شادين ۾ سهرا ۽ خاص طور تي لوڪ گيت ڳائي پنهنجو شوق پورو ڪندي هئي . هڪ ڏينهن هن جي سهيلي گلزار زال انور سهتي صلاح ڏنس ته فوزيه توهان جو آوازتمام سريلو آهي وڃي ريڊيو پاڪستان تي ڳاءِ بعد ۾ فوزيه سومرو ان سهيلي کي ساڻ ڪري وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتي . ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام مينجر محترم خواجه امداد علي ۽ موسيقي شعبي جو پروڊيوسر مرحوم انور بلوچ صاحب هو ان زماني ۾ فوزيه سومرو کي اهيو جواب ڏئي آڊيشن نه ورتائون ته ( فوزيه توهان کي لئي سر تار جي ڪابه خبر ناهي ،توهانکي مشورو ٿو ڏجي ته ڪنهن فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ کان تربيت وٺي اچو )بعد ۾ فوزيه سومرو ان زماني جي ڍولڪ نواز ۽ سٺي شاعر غلام حسين ڪليري کان تربيت وٺي ،زبردست ڳائڻ سکي وري ريڊيو پاڪستان تي پهتي جتي محترم خواجه امداد صاحب ۽ محترم انور بلوچ صاحب سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت ( پائلي ڙي الا ، مون ڏي مارن مڪي پائلي ) رڪارڊ ڪيو .تنهن بعد سال 1987ع ڌاري فوزيه سومرو کي سونهاري سنڌ جي عظيم انسان ناليواري براڊڪاسٽر ماکي کان به مٺڙي آواز جي مالڪ ، ريڊيو جي آواز جي دنيا جي لفظن جو جادوگر سنڌ ڌرتي جي ڏاهي براڊڪاسٽر محترم نصير مرزاصاحب ڏاڍي همت افزائي ڪئي ،۽ سندس جي آواز منجهه ٻه ڪلام ( بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو ،۽ ڇڏي ويا ساٿي سکن جا ) رڪارڊ ڪيا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقبول پڻ ٿيا فوزيه سومرو کي راڳ جا سڀ گر استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري صاحب سيکاريا. ريڊيو تي گهڻي ڀاڱي فوزيه سومرو کي محترم نصير مرزا صاحب رڪاڊ ڪيو ، ۽ سندس ڪلامن سنڌ جي جهر جهنگ وڏي مقبوليت ماڻي سنڌ جي هن مٺڙي آواز فنڪاره جو شهرت مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 110 ڪيسٽن جا البم مارڪيٽ ۾ آيا .تنهن بعد فوزيه سومرو ٽيليويزن پاڪستان تي به ڳائڻ جو شوق ٿيو جتي سڀني کان پهريان پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور پروڊيوسر جناب بيدل مسرور صاحب سنڌ جي مشهور شاعر سيد منظور نقوي جو ڪلام ( جدائي جي غم ۾ گذارين متان ) رڪارڊ ڪيو، مگر فوزيه سومرو کي ٽي _وي تي ڳائڻ جو موقعو گهٽ مليو فوزيه سومرو ڪجهه لوڪ گيت به رڪارڊ ڪرايا ڪيسٽ جي دنيا منجهه هن ٿر جي مختلف ٻولين مارواڙي ، ڍاٽڪي ، ۽ گجراتي زبانن ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرائي بعد ۾ هن ٻه ٽي ڪيسٽون پڻ ان سلسلي جو ڪڍيون ، فوزيه سومرو مائي ڀاڳي ٿر جي ڪوئل کان بعد ٻئي مشهور فنڪاره هئي جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي ٿر کان ٻاهر زبردست معتارف ڪرايو . تنهن هوندي به فوزيه سومرو جي سڃاڻپ لوڪ گيت نه پر عام ڪلام آهن .فوزيه سومرو سوين گيت ڳايا ، سوين ڪيسٽون ڪڍيون هن ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجو پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان سان گڏ سونهاري سنڌ جو نالو روشن ڪيو هن ڏيهه کانسواءِ پرڏيهه سعودي عرب ، قطر ، ڀارت ، دبئي ، شارجه ، سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن کي اجاگر ڪيو ۽ جوهر ڏيکاريا .فوزيه سومرو مختلف ٻولين ۾ سرائڪي ، اردو ، بلوچي ، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ خوب ڳايو .فوزيه سومرو نون توڙي پراڻن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ، سچل سرمت رح شيخ اياز ، بلاول اوٺو ، علي محمد اڏيرائي ، سائينداد ساند ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو فوزيه سومرو سال 1993ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي مشهور زميندار طالب حسين ( حاجي مصري خان سٺيو ) سان شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌ جي وئي . جنهن منجهان هڪ نياڻي صدره ڪرن نالي پيدا ٿي . فوزيه سومرو کي مڃتا طور ڪيترائي ايوارڊ جن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ، شهباز ايوارڊ سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو فوزيه سومرو بڪين گڙدن جي بيماري سان زندگي جا مسلسل ڏهه مهينا جنگ ڪئي مگر بيماري ست ئي نپوري ڇڏيو نيٺ هي سريلي سنڌ جي ڳائڻي 4سيٽمبر 2002ع اربع جي ڏينهن 36 سال 8 مهينا ۽ 3 ڏينهن زندگي جا گذاري ، ڪراچي سول اسپتال (ايس آءِ يو ٽي ) ۾ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري هزارين مداحن کي اڪيلو ڇڏي هميشه هميشه ابدي ننڊ آرامي ٿي .کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ مزار قائم آهي ، سنڌ جي هن ناليواري گلوڪاره کي فني خدمتن عيوض مڃتا طور ۾ شاهه لطيف ايوارڊ ، سيد مصري شاهه ايوارڊ ، ريڊيو پاڪستان پاران ريجنل ايڪسيلينسي ايوارڊ ڏنا ويا ، سندس گيتن ۽ سنڌي موسقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي فوزيا سومرو هي جهان ڇڏيندي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي مڱر ڳايل سندس ڪلام ۽ گيت هر ننڍي وڏي شهر ۾ اڄ به ان ئي وقت جيان گونجي رهيا آهن . لاڙ جي ڪوئل فنڪاره فوزيا سومرو جي اڄ 4 سيپٽمبر 2025ع خميس ڏينهن تي23 ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي .