شڪارپور پوليس پاران ننهن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور پوليس پاران ننهن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس ڪرن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بھار جي وانڍ ۾ مبينا غيرت جي نالي تي عورت کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪجھ ڪلاڪن ۾ ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو جوابدار پيار علي ٻرڙو پنهنجي نهن اشرف خاتون ٻرڙو کي عبدالوحيد ٻرڙو سان مبينا ڪارنهن جو الزام هڻي بندوق جو فائر ڪري قتل ڪيو ھو واقعي کانپوءِ ٿاڻي ڪرن پوليس سرڪاري فرياد تي ڪيس نمبر 19/2025 داخل ڪري قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪيو ايس ايس پي شڪارپور جناب شاهزيب چاچڙ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سٽي ميڊم پارس بکراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ خاص پوليس ٽيم جوڙي جنھن پنهنجي پيشوراڻين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي چند ڪلاڪن اندر مک جوابدار پيار علي ٻرڙو کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتوڪيس جي وڌيڪ جانچ جاري آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڪارروايون جاري آھن شڪارپور پوليس عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ واقعن کي ڪنھن به ريت برداشت نه ٿي ڪري سگھي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون وينديون.