ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ويجهو رائيس ريسرچ سينٽر جو رهواسي پورهيت اياز حسين چانڊيو جي مبينا خودڪشي، وارث پاران قتل جو شڪ ظاهر پوسٽ مارٽم بعد، فوتي نوجوان جو لاش وارثن حوالي تفصيل موجب گذريل ڏينهن ڏوڪري ويجهو رائيس ريسرچ سينٽر رهواسي 35 ورهين جو پورهيت اياز حسين چانڊيو غربت سبب مبينا خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو
آهي جڏهن ته وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪري ٻيهر لاش ڏوڪري اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندو ويو. فوتي نوجوان جي ڀاءُ اڪرم چانڊيو جو چوڻ هو ته سندس جي ڀاءُ اياز حسين چانڊيو کي قتل ڪيو ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته گذريل رات ٻه نامعلوم جوابدار گهر ۾ داخل ٿي گهٽا ڏئي اياز حسين چانڊيو کي قتل ڪيو آهي. هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته فوتي نوجوان اياز حسين چانڊيو جا قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته اياز حسين چانڊيو خودڪشي ڪئي آهي يا قتل ٿيو آهي معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته فوتي نوجوان جي ڀاءُ اڪرم چانڊيو پاران ٻيهر نوجوان اياز حسين چانڊيو جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ لاش ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. ھوڏانھن آخري اطلاعن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي،
0 تبصرے