English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور پوليس جو ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ آپريشن، 2 ڏوهاري گرفتار
views
|
26th May 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، ٻه بدنام ڏوھاري منظور سعدخاناني ۽ ملنگ عرف ملنگو سعدخاناڻي گرفتار. ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ خانپور جي علائقي رستم جي ڪچي ڳوٺ پيارو سعد خاناڻي، چمن ۽ ڪوٽ شاهو ۾ ڏوهارين خلاف گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جاري هو گرفتار ڏوھاري پوليس، رينجرز ۽ مير غالب ڊومڪي جي مٿان حملي ۾ ملوث آھن ان سان گڏوگڏ ڪيئي ڦر، چوري جي وارداتن، پوليس مقابلن ۽ ڪيترين ئي سنگين وارداتن جي ڪيسن ۾ پڻ گهربل هئا، ڏوھارين جي خاتمي تائين بي رحماڻو گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جاري رهندو / ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ تفصيل موجب : ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ۽ ونگ ڪمانڊر رينجرز جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڳوٺ پيارو سعدخاناڻي، چمن ۽ ڪوٽ شاھو ۾ گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران پوليس، رينجرس ۽ مير غالب ڊومڪي تي حملي ۾ ملوث منظور سعدخاناڻي ۽ ملنگو سعيدخاناڻي کي گرفتار ڪيو ويو آھي. 19 مئي تي فيضو اسٽاپ تي شهرين کي ڦرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ کان پوءِ رينجرز اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. رينجرز جوان هريش ڪمار فائرنگ جي تبادلي ۾ زخمي ٿيو، جيڪو زخمن جي سٽ نه سهندي پنهنجي جان قربان ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ هٿياربندن هٿان شهيد ٿيل رينجرس جي اهلڪار هريش ڪمار جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هڪ هفتا کان وٺي خانپور جي ڪچي ڪوٽ شاهو ۽ پيارو سعيدخاناڻي جتوئي سميت ٻين ڳوٺن تي پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ھو. جنهن ۾ شهيد رينجرس اهلڪار هريش ڪمار جي شهادت ۾ ملوث ٻن جوابدارن ملنگ سعدخاناڻي ۽ منظور سعدخاناڻي جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته ابتدائي معلومات موجب گرفتار ٿيل ڏوهارين اعتراف ڪيو آهي ته سردار غالب ڊمڪي جي گاڏي تي ٿيل حملي سميت ٻين ڪيترين ئي ڦر، چوري، پوليس مقابلي ۽ سنگين وارداتن جي ڪيسن ۾ گهربل آهن، ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، پوليس ۽ رينجرس هر وقت ڪچي توري پڪي تي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي اڳ به ڪيترائي ڏوهاري پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا آهن، ڪيترائي گرفتار ٿيا آهن، شڪارپور ضلعي جو امن امان بهتر ڪرڻ پهرين ترجيح آھي ڏوھارين جي خاتمي تائين بي رحماڻو مسلسل آپريشن جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
0 تبصرے