راجوير سنگهه سوڍو جي اقوام متحده جي معذورن جي حقن بابت صوبائي مشاورتي اجلاس شرڪت

راجوير سنگهه سوڍو جي اقوام متحده جي معذورن جي حقن بابت صوبائي مشاورتي اجلاس شرڪت

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن جي کاتي، سنڌ حڪومت جي ٽيڪنيڪل امپليمينٽيشن ڪميٽي (TIC) پاران اقوام متحده جي معاهدي معذور ماڻهن جي حقن بابت (UNCRPD) تحت پاڪستان جي ابتدائي رپورٽ تي هڪ اهم صوبائي مشاورتي اجلاس اڄ ڪراچي جي هوٽل ميريئٽ ۾ منعقد ٿيو، اجلاس کي خاص مهمان طور سنڌ جي وزيراعليٰ جي معاون خاص راجوير سنگهه سوڍو خطاب ڪندي چيو ته معذورن جا حق تحفظ جي تقاضا ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته اقوام متحده جي رپورٽ تحت ٿيندڙ هي مشاورت معذور ماڻهن جي سماجي، تعليمي ۽ معاشي حقن کي وڌيڪ اجاگر ڪندي، راجوير سنگهه سوڍو جي ٽيم پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف سفارشون پيش ڪيون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن پاران پاليسين، قانونسازي ۽ عملدرآمد بابت قيميتي تجويزون پيش ڪيون ويون.