ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان 22 مئي جي شھيد عبدالستار انڙ جي تيرھين ورسي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌوءَ درياءَ تي ٺھندڙ ڪينالن ۽ سامونڊي پٽي ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ خلاف دانڌاري ۾ شھيد عبدالستار انڙ جي مزار تي جلسہ عام ڪيو، جنھن ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر رزاق چانڊيو ، ضلعي نائب صدر مٺا خان لاشاري، جنرل سيڪريٽري شاھ محمد چانگ، گھنور خان زئور، بلاول لاشاري، ايوب انڙ، نور احمد انڙ، حاجي عبدالڪريم انڙ، اسلم سمون، الله بخش بلوچ، مجاھد ڪلمتي، عبدالله چانڊيو، اشفاق انڙ، علي اڪبر لاشاري، معشوق انڙ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو تہ شھيد عبدالستار انڙ سنڌ ڌرتيء لاء فڪر پليجو جي واٽ تي ھلندي پنھنجي جان جو نظرانو ڏئي ڇڏيو، شھيد عبدالستار انڙ تي سموري سنڌ کي فخر آھي، اڳواڻن چيو ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي والار جاري آھي. ھڪ پاسي ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۽ ڪوھستان تي والار ڪئي وئي آھي، تازو ھاڻ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سامراجي ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آھي تہ ٻئي پاسي سنڌ جي پاڻي تي گذريل ڏيڍ سؤ سالن کان ڌاڙو ھنيو پيو وڃي، ڊيلٽا مڪمل طور تباه ٿي چڪي آهي، درياء اندر واري اڏامندڙ آهي. پيپلز پارٽي جي غدار وڏيرن اقتدار حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جو پاڻي به وڪرو ڪري ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي جي غدار وڏيرن کان به سنڌ جي پاڻي جي ڌاڙي ۾ پنجاب سان گڏ بيٺل ھئڻ جو بہ حساب وٺندو. تمر جي ٻيلن سميت سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي آباد ٻيلن کي تباھ ڪري ماحول دشمني ڪئي وئي آھي ۽ ھاڻ نوان ڇھ ڪئنال ڪڍي، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ھڻڻ وسيلي، سنڌ جي ست ڪروڙ عوام جي نسل ڪشي جي شيطاني سازش سٽي وئي آھي..
0 تبصرے