English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شهيدن کي سرخ سلام، محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي: اياز لطيف پليجو
221 views
|
22nd May 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)22 مئي جي شھيدن جي 13ھين ورسي جي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت 22 مئي جي شھيدن عالمي سامراجي دھشتگردن سان وڙھندي پنھنجي سنڌ وطن لاءِ جان ڏني. 22 مئي جا شھيد سنڌ جون سورميون ۽ سورما آھن. محبت سنڌ ريلي دھشتگردن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي. سنڌ ٽوڙڻ جي سازش خلاف ھزارين ماڻھن عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي لياري ۾ چيل چوڪ تي گڏ ٿي پريس ڪلب طرف پرامن محبت سنڌ مارچ ڪيو تہ عالمي طاقتن جي ايجنٽ دھشتگرد ٽولي انھن معصوم ماڻھن تي خطرناڪ ھٿيارن سان حملو ڪري شھيد غزالا بتول صديقي، ستار انڙ، شبير بليدي، سرور بلوچ ۽ اعجاز بلوچ سميت قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ھٿين خالي ڪارڪنن کي شھيد ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن دھشتگردن سنڌ ۾ نفرت جي سياست ڪئي، اردو ڳالھائيندڙ، سنڌي ڳالھائيندڙ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ڀائرن کي پاڻ ۾ ويڙھايو. بيگناھ ماڻھن جو خون وھايو، انھن دھشتگردن جو سربراھ تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ دفن آھن، ان کانپوءِ سنڌ ۾ امن آھي، واپاري خوف ۾ ناھن، شھري دٻاءُ ۽ حراس ۾ ناھن، دنيا دھشتگردن جي سربراھ تي ملامتون ڪري ٿي. سنڌ ۾ رھندڙ اڳ ۾ بہ پاڻ ۾ ڀائر ھئا ۽ اڄ بہ ڀائر آھن، انھن کي ڪير بہ الڳ نٿو ڪري سگھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
محبت سنڌ ريلي
0 تبصرے