گهارو ويجهو ڳوٺ يوسف خاصخيلي ۾ سماجي تنظيم پاران عيد جا ٽئي ڏينهن قرباني ڪئي وئي

گهارو ويجهو ڳوٺ يوسف خاصخيلي ۾ سماجي تنظيم پاران عيد جا ٽئي ڏينهن قرباني ڪئي وئي

ٺٽو( شفيق ڀٽي )گھارو ويجھو ميرپور ساڪرو روڊ تي ناريل فارم وٽ ڳوٺ يوسف خاصخيلي ۾ قائم سماجي تنظيم ايڪھو پاران سنت ابراهيمي مطابق پنھنجي روايت کي برقرار رکندي عيدالاضعي جي موقعي تي پھرين ، ٻئي ۽ ٽئي ڏينھن تي ھر سال جيان هن سال به قرباني ڪئي وئي جتي عيد جي ٽنھي ڏيھاڙن ۾ ٻڪرا، ڳئون ۽ ڍڳا وڏي تعداد ۾ ذبع ڪري اھو گوشت مسلمانن سميت ھر مذھب سان تعلق رکندڙ غريب مسڪين سفيد پوش ماڻھن ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو قرباني جي موقعي تي انھي علائقي ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻھن کان علاوه ٻين علائقن کان به غريب مسڪين ماڻهون گوشت وٺي پنھنجي ٻچن کي کارائيندا آهن ان تنظيم جي خاصيت اھا آھي ته اھو قرباني جو گوشت بنا ڪنھن لالچ ۽ ڪنھن ڏيک ڏيکاءَ کان ھٽي ڪري صاف شفاف نموني ورھاست ڪئي وڃي ٿي اھو گوشت ھر طبقي جي ماڻھن ۾ ورھايو وڃي ٿو جنھن ۾ غريب بيمار مسڪين خاندانن جي ماڻھن جو خيال رکندي ٻڪر جو گوشت به ڏنو وڃي ٿو جيڪي پنھنجي صحت مطابق استعمال ڪري سگھندا آهن