مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ سندن حقن تي لڳندڙ ڌاڙا

ڊاڪٽر نساء رئيساڻي

مزدورن جو عالمي ڏينهن ۽ سندن حقن تي لڳندڙ ڌاڙا

اڄ پوري ملڪ ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن آھي هي عالمي ڏينهن شڪاگو جي شھيدن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آھي اسلام ۾ پورهيت کي خدا جو دوست سڏيو وڃي ٿو مزدورن کان فيڪٽرين ۾ جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو ۽ ان کي پورو اجورو به نٿو ڏنو وڃي جيڪي نٽھڻ اس هجي يا سياري جي ستائيندڙ سردي ڇو نه هجي هو دل جان سان پورهيو ڪندا رهن ٿا۔جڏهن ته ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن فرمايو ته ،،پورهيت کي پورهئي جو اجورو ان جي جسم جو پگهر سڪڻ کان پهريان ملڻ گهرجي،، پر افسوس دنيا ۾ اهيو ڏينهن رسمي ملهايو ٿو وڃي۔اڄڪو ڏينهن يومي 1 مئي 1886ع ۾ شڪاگو آمريڪا ۾ ٿيل پورهيتن جي احتجاج ۾ مارجي ويلن جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو۔اها هڪ حقيقت آھي۔ڪراچي جي علائيقي پورٽ قاسم ۾ صنعتي زون ۾ ڪافي تيزي سان ترقي ٿي رهي آھي پر اتي پورهيتن کان سخت ڪم ورتو وڃي ٿو هن وقت بيروزگاري ڪيترنئي پورهيتن جا ٻندڙ چلها بند ڪري ڇڏيا آھن پورهيت طبقي جا ماڻھو بک ۽ بد حالي جو شڪار آھن سنڌ حڪومت جي نون ڊرامن بيروزگاري جو نئون ريڪارڊ قائم ڪري ورتو آھي اڄ پوري ملڪ ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جيڏهن ڳالھ ڪجي ضلعي ٺٽي جي ته ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کان 8 ڪلاڪن جي ڊيوٽي بجائي 12 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو صوبي سنڌ ۾ جيتره ڪارخانا آھن سڀ جا سڀ ٺڪيدارن جي حوالي ٿيل آھن مزدورن کي ٻن ٻن مهينن کان پگهارو قسطن جي صورت ۾ ادا ڪيون وڃن ٿيون ساڳي طرح پورٽ قاسم پاور چائينا ۽ ضلعي ٺٽي جي مخلتف ڪارخانن ڪيترائي سال گذرڻ باوجود گورئمنٽ لا مطابق علانيل پگهار 37000 هزار مان به گهٽ ڪري انجنيئرن کي 30 کان 35000 هزار پگهار ڏني پئي وڃي ۽ سيڪيورٽي گارڊن سان به ساڳيو حشر آهي انهن جي به ڊيوٽي 8 ڪلاڪن بجائي 12 ڪلاڪ ورتي پئي وڃي آواز اٿارڻ واري جو جبري گيٽ بند ۽ چوري جاالزام هڻي نوڪري ختم ڪئي وڃي ٿي اقتدار جا بکايل آفيسر پنهنجي سيٽ جو بچاء ڪندي باعلي آفيسرن کي لوڻ مليل ڳاليون ڪري پاڻ وڻائين ٿا پاڪستاني پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ هر جائي تي جاري آھي ٺٽو سيمنٽ ڪمپني ۾ سال 2004 کان ڪيترنئي پورهيتن کي پڪو ناهي ڪيو ويو گذريل سال مزدورن پاران پڪو ڪرڻ جي ڳالھ ڪرڻ تي جبري طور 280 ملازمن کي برطرف ڪيو ويو پر افسوس ليبر جي منسٽرن کي مليل رشوت کين نوٽيس وٺڻ کان روڪي ڇڏيو جڏهن ڪمپني ٺڪيدار جي ماتحت ڪمم ڪندڙ مزدورن گورئنٽ پاران مختس ٿيل به پگهارون نٿا ڏين فيڪٽري انتظاميا اسٽيپ بائي اسٽيپ پگهارون ڪٽي ٿي پڇا ڪرڻ تي ڊيوٽي کان فارغ يا گيٽ بند ڪيو وڃي ٿو مزدورن کي بونس جا سونهري خواب ڏيکاري عيد جا ٻه بونس ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته ڪينٽين تان ملندڙ ماني سان حشر به برو آهي ڪيترنئي ڪارخانن ۾ ساڳيو حال آھي مختلف ڪارخانن ۾ ويچايون عورتون ڪم ڪن ٿيون انهن کي کي به جسم فروشي جي فرمائيش ڪئي وڃي ٿي جواب ڏيڻ جي صورت ۾ انهن جون پگهارون يا ٻيا چوري جهڙه الزام تراشي ڪاخانن کان فارغ ڪيون وڃن ٿيون۔ ليبر جي منسٽر کي اپيل ٿي ڪجي ته صوبي سنڌ جي ڪارخانن مان ٺڪيداري نظام ختم ڪرائي مزدورن کي پڪو ڪرائي 8 ڪلاڪ ڊيوٽي جو پابند ڪيو وڃي ۽اڄ جي ڏينهن جي مثال قائم ڪري وڃي.