English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شھر جي مجموعي صورتحال تي جنرل باڊيءَ جو اجلاس
views
|
18th May 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شھر جي مجموعي صورتحال تي جنرل باڊيءَ جو اجلاس ڪوٺائي ورتو،مدرسه زين العلوم قارديہ دادوائي روڊ شڪارپور ۾ ڪوٺايل اجلاس جي چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري پاران صدارت ڪئي وئي شھر جا اھم اشوز ايجنڊا جو اھم حصو رھيا خاص طور تي بجلي جي لوڊشيدنگ ، واڌو بل، سماجي براين منشيات، جوا، آڪڙا پرچين ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ڏوھي واڌاتن ۾ اچانڪ تيزي، سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي وئي جنھنجي خاتمي لاء پھرين مرحلي ۾ لاڳاپيل انتظاميا سان ملاقاتون ڪري ڪاروايون، ڪنٽرول ڪرڻ لاء ياداشت ناما پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو نئين آيل ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور سان شھر جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي ملاقات ڪئي ويندي شھر جي مختلف چوراھن تي سي سي ڪيمرائون لڳائڻ سميت ڊمانڊس پيش ڪيا ويندا شڪاپور بچايو تحريڪ جي اڳوڻي چيئرمين سول سوسائٽي اڳواڻ ميان ظفر علي علوي جي اچانڪ وڇوڙي تي افسوس جو اظھار پڻ ڪيو ويو ۽ سندس جي مغفرت لاء دعا گھري وئي ۽ ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ساڳي وقت ڀارت ۽ پاڪستان جي گشيدگي دوران شھادت ماڻيندڙ فوجي جوانن ، شھرين جي بلند درجات لاء دعا پڻ گهري وئي شڪاپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري ڳالھائيندي چيو ته مٿين مسئلن جي حل لاء پھرين مرحلي ۾ لاڳاپيل ذميوارن سان ملاقاتون ڪيون وينديون جي گھربل نتيجا حاصل نه ٿيا ته شڪارپور بچايو تحريڪ پاران مرحليوار احتجاجي مظاهرن جو شيڊول جاري ڪيو ويندو ھن پاران ڳڙھي ياسين موڙ تي غير قانوني شراب جو سريعام ھلندڙ گتو فورن بند ڪرڻ جي بہ گھر ڪئي وئي انھي موقعي تي جنرل باڊيءَ جي اجلاس ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين مولانا مسعود احمد قادري،وائيس چيئرمين مولانا مشتاق احمد سھندڙو،جنرل سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لال،جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل،فنانس سيڪريٽرين ڏاڏو طاھر سومرو،پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو،آفيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو ،اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني ،اڳوڻو چيئرمين استاد عبدالوھاب ڪاغذي،صاحبزاده فضل الله نوراني،حاجي عبدالفتاح مھر پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے