مورو (جاني جماڻي) مورو پريس ڪلب ۾ ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ ۽ ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو پھتو جنھن دوران پريس ڪلب صدر نواب علي اصغر ڪورائي،آفيس سيڪريٽري صحافي جاني جماڻي سينئر نائب صدر محمد بخش عالماڻي، نائب صدر وحيد رزاق مستوئي، محمد اعظم ڪورائي، خضر حيات ڪورائي موجود ھو ان موقعي تي مورو پريس ڪلب جي صحافين ٻنھي آفيسرن کي مورو شھر جي تازي صورتحال تي غور ويچار ڪري شھرين جي جان مال جي حفاظت سميت ٻين قانوني اشوز تي سوال اٿاريا جنھن تي ٻنھي آفيسرن چيو ته اسان شھرين جي جان مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش وٺي رھيا آھيون جيڪا شڪايت ٿاڻي تي اچي ٿي ان تي بروقت ازالو ڪري عوام کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو جيڪو غلط ڪمن ڏوھن ۾ ملوث ھوندو ھرگز بخش نہ ڪيو ويندو ۽ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، جڏھن تہ ڊي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ ۽ ايس ايڇ او مجيب الرحمان ناريجو ھلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستحق عورتن جي قسط دوران ڪٽوتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو تہ ڪٽوتي ڪندڙن کي ھرگز معاف نہ ڪيو ويندو انھن کي گھرجي اھي غريب مسڪين مستحقين جي پئسن مان ڪٽوتي ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ انھن جي بد دعا کان بچن. اسان عوام جا خادم آھيون سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي قومپرست اڳواڻن شھرين صحافين کي گھرجي تہ اھي اسان سان جائز سھڪار ڪن ته جيئن امن امان سان گڏ عوام جي جان مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهجي.
0 تبصرے