ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي قائدآباد واري علائقي مان اغوا ڄاڻايل وائبه لاشاري مڙس سان گڏ خيرپور پريس ڪلب پهتي

ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو

خيرپور(ڊ ر) ڪراچي جي علائقي قائد آباد مان مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري مسمات وائبه ڌيءَ نادر علي لاشاري خيرپور جي رهواسي سئوٽ محمد اعظم ولد فيض احمد لاشاري سان عدالتي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو بعد ۾ ناري مڙس سان گڏ پنهنجي والد نادر علي لاشاري، والده مسمات صائمه، ڀاءُ ذيشان علي لاشاري، مامي شهباز لاشاري ۽ چاچي خالد لاشاري طرفان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪارنهن الزام مڙهي مارڻ جي ڌمڪين خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو ھن ٻڌايو ته هن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق محمد اعظم لاشاري سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي. جنهن تي ناراض ٿي مائٽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري سندن جي زندگين کي خطرو آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.