English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊوآدم ۾ بدامني، منشيات فروشي، جوا خلاف جماعت اسلامي پاران بينر لڳايا ويا، شهرين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو
views
|
15th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سانگھڙ (حسنين عاشق ساند) ٽنڊوآدم ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات فروشي، جوا خلاف جماعت اسلامي پاران شهر ۾ بينر لڳايا ويا، شهرين کي تحفظ مهيا ڪري ڏيڻ جو مطالبو. رپورٽ موجب جماعت اسلامي ٽنڊوآدم پاران شهر جي امير سيد عريف الله سيفي، نائب امير مشتاق عادل، عبدالغفور انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ شهر اندر بد امنيءَ خلاف وال پوسٽر لڳائي احتجاج ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهر اندر بدامني عروج تي پهچي چڪي آهي، ڏينهن ڏٺي جو شهرين کان موٽرسائيڪلون، ڪارون، روڪ رقم ڦر ٿيڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي، شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ کلي رهزنيءَ جي وارداتن سبب شهري تمام گهڻي خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته شهر اندر منشيات فروشي، جوا، آڪڙا پرچي، شراب جو ڪاوربار وڌي ويو آهي جنهن سبب نوجوان نسل، شاگرد، عورتون، ننڍا معصوم ٻار تباهيءَ طرف وڃي رهيا آهن. هنن چيو ته پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته شهر اندر فور طور تي امن قائم ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ڏنو وڃي ۽ منشيات فروشي، جوا، آڪڙا پرچي ۽ ٻين سماجي برائين خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن اسان جو معاشرو براين کان محفوظ رهي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Oct 2025
•
شوبز
عریاں مواد کا الزام: ریئلٹی شو "لازوال عشق" کے خلاف عدالت میں درخواست دائر
19th Oct 2025
•
کھیل
ٹیسٹ چیمپئن کے خلاف سیریز جیتنے کا بہترین موقع ہے: اظہر محمود
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
گندم پالیسی منظور، قیمت 3500 روپے فی من مقرر
19th Oct 2025
•
تازہ ترین
جنگ بندی معاہدہ خوش آئند، افغان سرزمین سے دہشتگردی کی روک تھام کے لیے اقدامات ضروری ہیں: اسحاق ڈار
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران مقامي نوجوانن کي روزگار ۾ اوليت ڏيڻ جي هدايت
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سي آءِ اي پوليس پاران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊوآدم
0 تبصرے